سنڌ منهنجي امان
وک اڳتي وجهان پنڌ ڪهڙا پڇان.
وقت آيو آ ويهي نه رهبو ڪٿي،
ڇا به ٿئي سنڌ خاطر مران يا جيان.
ماٺ ڪرڻي نه آ سنڌ مرڻي نه آ،
سنڌ کان ڪيئن ڀلا ساهه سانڍي رکان.
دل چوي ٿي ته او سنڌ منهنجي امڙ،
نڪري نروار ٿي تنهنجو نعرو هڻان.
اي ڀٽائي ، سچل ۽ عنايت جي ڌرتي،
نه جهڪبو ڪڏهن تنهنجي دشمن اڳيان.
هتي هرڪو تولئه مرڻ ٿو گهري،
ڀلا ڪنهن جا ڪنهن جا مان نالا کڻان.
قسم موج مهراڻ جيءَ جو اٿم،
آهيان تنهنجو ٻچو سنڌ منهنجي امان.
دودي ، هوشو ۽ هيمونءَ جي صورت وٺي،
توکي “آزاد” جيجل ڪرڻ ٿو گهران.