حق وارن کي حق مليو، مان ڪيئن مڃان
انڌي سُئي ۾ سڳو وڌو، مان ڪيئن مڃان.
ڳنڍين گوليون ڦاٽل دل ۽ پيار ٽٽل،
ساگر ۾ ڪو پنڌ هليو، مان ڪيئن مڃان.
ڪالهه به رئيس ننڍي جي هٿ ۾ تسبي هئي،
نڪري پيو آ ٽوهه مٺو، مان ڪيئن مڃان.
شهر سڄي ۾ مظلومن جا ٽهڪ اُٿيا،
ڌڪ لڳا پر درد نه ٿيو، مان ڪيئن مڃان.
ڳيرو باز رهن پيا گڏ هڪ ٽاريءَ تي،
پاپي آهي پيار ڪيو، مان ڪيئن مڃان.
ڪالا باغ ٺهڻ سان ياري گهاٽي ٿئي،
لوڻ وجهڻ سان زخم ڇٽو، مان ڪيئن مڃان.
پير ۽ مير چميا هٿ چائون پورهيت جا،
ماڻهو ويڇن مان نڪتو، مان ڪيئن مڃان.
باهه ۽ درد سان باغ بهاريا گل مرڪيا،
امن سوا انسان بچيو، مان ڪيئن مڃان.
تڙپيون دلڙيون بيدردن جون دانهن تي،
اولهه کان سج اڀري پيو، مان ڪيئن مڃان.
سڏ ٿيو، سڏ تي سرڪردا سڀ ڊوڙي پيا،
سرڪش ڏاڍي ننڊ هيو، مان ڪيئن مڃان.
³