اسان چنگ ٻيجل ٿي چوري سگهون ٿا
اسان چنگ ٻيجل ٿي چوري سگهون ٿا،
ته ٿي ڏياچ ڀي ڪنڌ ڪوري سگهون ٿا،
غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي سگهون ٿا،
ويل ڀاڳ پنهنجو ورائي سگهون ٿا.
اڏيل ڪاڪ تنهنجا اهي طلسماتي،
جنهن جي راهه سوڍن صحيح آ سڃاتي،
هتي زهر تنهنجي ڪنداسون حياتي،
تنهنجي ڪاڪ ڪوڙي اڏائي سگهون ٿا.
ڏيها ڏيهه سڄو ملڪ منصور آهي.
اچي تنگ ڪرڻ جنگ دستور آهي،
نه “منشي” ڪا منزل تڏهن دور آهي،
جڏهن سر سوريءَ تي چڙهائي سگهون ٿا.
اسان نينهن لائي نڀائي سگهون ٿا،
سوين سنڌ لئه سر ڪٽائي سگهون ٿا.
تون ڇا پر هزارين ويا هار کائي،
ٿيا عرب ارغون ترخان توائي،
مغل ۽ فرنگي ڪياسون تباهي،
انهيءَ ريت توکي مٽائي سگهون ٿا.
جڏهن مرد مانجهي مهاڙيون کڻن ٿا،
ڪهوءَ جي ڳنن سان ڪهاڙيون کڻن ٿا،
تڏهن رت ريلا ٿي واهڙ وهن ٿا،
مڪارن کي ماري مڃائي سگهون ٿا.
سوين توکان سورهيه سياڻا هليا ويا،
طرف ڪهڙي ڪهڙي نه ڄاڻا هليا ويا،
ڪڍائي ڪئين ڌڱ ڌاڻا هليا ويا،
ته توکي به هڪ ڏينهن ڀڄائي سگهون ٿا.
گهڻا ڏينهن چورن هتي چاڳ ڪيا ٿي،
سوين اڄ سنڌي ڀاڳيا جاڳيا سي،
“دريا خان” “هوشو” “هيمون” ساڳيان سي،
زنده لاش تنهنجا جلائي سگهون ٿا.