شاعري

سنڌ جي مزاحمتي شاعري

ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.

Title Cover of book Sindh Ji Mazahmati Shairi

جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي

غزل

جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي،
ثابت ٻڌن جي سندرا، سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.

برپٽ بکون توڙي اڃون، ونگو نه جن جو وار ڪن،
نيزن مٿي جيڪي نچن سي، نينگرا پيدا ڪي ڪر.

ها اٿڪون جن جون اجهل، گهيڙان گهڙڻ جي گت نه جن،
هر هنڌ تان ٿئي “هٽ پري” سي هوڪرا پيدا ڪي ڪر.

هي موملون هي مينڌرا، پنهنجي مرڻ جيئڻ جي لئه،
سڀ وڏڦڙا واچوڙ ويرون، وهڪرا پيدا ڪي ڪر.

هر چوڪ تي چاري چغل، چار ئي طرف چورن جي هٿ،
چنجور سان چيرڻ لئه تن کي، چلولا پيدا ڪي ڪر.

جي جيجلن جوين ۽ توڙي، جو مٿان جهيڙاند ڪن،
سي جنگ جوڌا جنگ لاءِ، جابچا پيدا ڪي ڪر.

تون پنهنجي ڏاهيءَ ڏات سان، ڏوٿين مٿان سڀ ٽار ڏک،
سانگين مٿان سک سهنج جا، سج سوجهرا پيدا ڪي ڪر.

آزاديون آباديون، آسودگيون عيدون هجن،
آسون ڪڏهن عرشن مٿي، سي آسرا پيدا ڪي ڪر.

تون سنڌڙي ساري سان گڏ، سڏجين سجاول جو به سڏ،
هر حال ۾ جي هڪ هجن، سي همنوا پيدا ڪي ڪر.