ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون
ڪيئن ڇڏيان پنهنجي هٿان زلفن جي پاڇي جو سڪون
مان به چاهيان ٿو گهمڻ ۽ خرچ جي پڻ کوٽ ناهه
پر ملي پرديس ۾ ڪيئن تنهنجي پاڙي جو سڪون
هي به گهر آهي خدا جو ڪا گهڙي کن ترس يار
دل اندر ملندئي مٺا محبوب ڪعبي جو سڪون
سم ڪلر وارن گهرن کي ڀو ٿئي برسات مان به
مينهن سان واڳيل مگر آ ٿر ۽ ڪاڇي جو سڪون
دل کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ شايد مزو ايندو هجيس
ڪاٺ کي ڏارڻ ۾ جيئن هوندو آ واڍي جو سڪون
اڄ وري بيچئن آ نازڪ بدن هو نازنين
ياخدا، ڏئي ڇڏ پرينءَ کي منهنجي ڀاڱي جو سڪون
’راشد‘ دل لائي رکبي هر طرح ڦهلاءَ ساڻ
آ گل و گلزار بنجڻ ۾ ئي داڻي جو سڪون