شاعري

سنڌ جي مزاحمتي شاعري

ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.

Title Cover of book Sindh Ji Mazahmati Shairi

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.
موتين وارو مينهن وسي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.

ڄاڻ بتيون ۽ بلبل اجهاڻا،
آکيرن مان ڪانگ آڏاڻا،
ماري وڻ تي دام وجهي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.

سڪا آڇي ڪو وڻجارو،
هر ماڻهوءَ کان نيارو نيارو،
مون کان منهنجا گيت کسي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.

ڪنهن وٽ داڻو پاڻي ناهي،
بک جي آڳ اجهاڻي ناهي،
تڏهن ته ماڻهو ماس چڪي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.

هو ڏس، ڪيڏو پيارو آهي،
ڄڻ ته صبح جو تارو آهي،
سر تي جيڪو هنج لهي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.

ڪنهن چهري مان چنڊ کڙي ٿو،
ڪو ڪو سڏڪو سڏ لڳي ٿو،
اک مان جيڪو لڙڪ وهي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.

آءٌ مسافر مرڻو ناهيان،
ٿر تي ٻيهر ٻرڻو آهيان،
ويندي ويندي چنڊ چوي ٿو.
صبح ٿئي ٿو.