منهنجي رت جو ڦينگون آخر
تنهنجي منهن تي ٿينديون ظاهر،
توکي قاتل ٺهرائينديون،
تنهنجو ڳاٽ به لهرائينديون.
چيريندڙ هي چنبا تنهنجا،
ريٽا ريٽا ڳاڙها ڳاڙها،
منهنجي گهر ۾ منهنجي سر تي،
اُڀري اسري الري آيا،
منهنجي مارن جون هي اکڙيون،
ڇوليون ڏيئي ٻوڏون آڻي،
تنهنجون ماڙيون ڊهرائينديون.
تڙپندڙ هي لاشو منهنجو،
ڌرتيءَ کي رنگ لائيندو پيو،
ويرم ٿوري آهي باقي،
توکي ڀي تڙپائيندو پيو،
تربت جون هي ٻئي ڪپرون،
توکي پيون ڌونڌاڙينديون،
مون کي پيو سرچائينديون.
تنهنجي رت ٿي بانس اُٿاري،
ڳلي ڳلي ۾ بدبو ٿيندي،
منهنجي رتڙي گل اڀاري،
واس جو ڏيندي خوشبو ٿيندي،
ٻوٽو ٻوٽو ٻهڪي پوندو،
مکڙيون ديس کي مُرڪائينديون.
تنهنجو ڌڙ ڀي منهنجو ڌڙ ڀي،
ٿوري ڌرتي والاريندا،
توکي ماڻهو ٿو ڪاريندا،
مون لئه ويٺا ٻاڪاريندا،
اينديون جيڪي ديس ڌياڻيون،
نيڻ نماڻا اکڙيون آليون،
مون کي گلڙا پارائينديون.
سونهري اکرن سان هونديس،
تاريخن م آءُ سدائين،
تنهنجو نانءُ به نيٺ ته هوندو،
ڇو جو تون هڪ ظالم آهين،
صديون جيڪي اينديون وينديون،
توکي لعنت ڏينديون وينديون،
مون کي پيون ساراهينديون.