اسين بس رهياسين اڌورا،اڌورا
نڪي عشق، آتش، فشان ٿي اُڀاميو،
نه ئي ديپ دل مان، اوهان جو اُجهاميو،
نه سورن جي شدت کان، شعلو بڻياسين،
نه سگريٽ جو ڪو، ڦُلو ٿي ڇڻياسين،
دُکياسين، جلياسين، اڌورا، اڌورا،
اسين بس رهياسين، اڌورا، اڌورا.
دُکن سان به دل، پنهنجو رشتو نه ٺاهيو،
سُکن ۾ به من کي، سڪون ڪين آيو،
کلياسين ته خلقت جي، دردن ٿي روڪيو،
رُناسين ته دنيا جي، نظرن تي ٽوڪيو،
نه خوش ٿي کلياسين، نه رڄ ٿي رناسين،
رُناسين، کلياسين، اڌورا، اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا، اڌورا.
ڦاهي جا ڦندا، چُمڻ کان به وياسين،
۽ دنيا جا ڌنڌا، ڪرڻ کان به وياسين،
نه تون ئي ملين ۽ نه ڪنهن جا ٿياسين،
هِتان کان به وياسين، هُتان کان به وياسين،
مَرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين،
۽ جيئندا رهياسين، آڌورا، آڌورا،
اسين بس رهياسين اُڌورا، آڌورا.
ٿي تارِڪ هي دنيا، نه تياڳي سگهياسين،
جهان جو به جهنجٽ، نه جهاڳي سگهياسين،
عمر اڌ، اڻ کٽ، عبادت ۾ ويئي،
۽ باقي، بُتن کان، بغاوت ۾ ويئي،
خدا ڀي نه مليو، نه ان جي خدائي،
او آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،
۽ ڳولا جي رڻ م رُلياسين اڌورا،
اسين بس رهياسين، اڌورا، اڌورا.