ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
سو سو منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻ؟ي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جت جيڏڙيون جنسار ڪن، ست ست رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پسجن جو به جو، سرهاڻيون پڻ سو به سو،
درشن ٿين جي دربدو، ته ڄڻ ڪه حورون هوبهو،
سبحانه سبحانه! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
سرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻيءَ ڀرڻ لئه پد مڻيون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
ڪن کي نٿون، ڪن وينڍڙا، سر تي سمورين سينهڙا،
گجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪڇ تي، ڪن ٻيلهڙا،
هو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جي ٻوليون تن جون ٻرن، ٿا چنگ ڪر چالن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سرن، يا روهه تان برفون ڀرن،
يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چڻ ڀڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
خوش ٿي کٿيريون کلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽلن، تان ساڙ ۾ ڊيلون جلن،
هو سنڌ تان گهوريو گهمن، ۽ ملڪ جي مٽي چمن،
هو سنڌ جي خاطر جيئن، ۽ سنڌ جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
جنت الفدوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت، ڏوٿي اڀن ڏاٽن سان جت،
گهوٽيا گهمن گهاٽن سان جت، ۽ گوُٽ گهوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽڪون،
ڇا بت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر آميون مهگراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جن جا جري ۽ جواڻ پٽ، ڳاڙها جيها حلواڻ پٽ،
رانديون ڪڏن رت ساڻ پٽ، “سرويچ” پٽ سرواڻ پٽ،
هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽڪر،
هڪ هڪ اٿيئي سيني سپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هڪ هڪ سنديءَ مستيءَ ۾، ڏس مستيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.