ڪانگ! ڏج هي قربتون دل سان وڃي دلگير کي
ڪانگ! ڏج هي قربتون دل سان وڃي دلگير کي
لک سنيها، صحبتون، هن لوڪ کي لکمير کي
هائو، هر ڪنهن ماڳ جي مٽي اسانجي ماءُ آ
رهڻ ڏيو هيءَ رات ڀي هڪ ٿانو ۾ کنڊ کير کي
ڪين ٿي سگهندو ڪڏهن ميٺاڄ، ماکيءَ کان الڳ
هل ته سمجهائي اچون، بي ترس ۽ بي پير کي
ڪلهه به ساميءَ، شاهه، بيدل ۽ نارائڻ هو چيو:
آءُ ته گڏجي ٽوڙيون، هر ظلم جي زنجير کي
ياد ڪندي يارڙن جي سنگت، ساروڻيون وري
سن وڃائي سونهن آ، جهوري لڳي جهمپير کي
ڪالهه “بيوس” حد ۽ سرحد جي محافظ کي چيو:
روڪ جي روڪي سگهين، الهاس واريءَ هير کي