شل انهيءَ کان اڳي
پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ لئه سڪجي وڃون،
يا فلسطينين جيئن ڦر جي وڃون،
شل انهيءِ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون،
پنهنجي ڏاڏاڻي قبرن مٿان هٿ کڻون،
پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن مٿان هٿ کڻون،
يا ڀٽائي جي سڏڙن مٿان هٿ کڻون!
پنهنجي تاريخ جي منهن تي ڪارنهن مَليون،
شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون.
ڪيئن ڪارونجهر ۽ ڪاڇي مٿان هٿ کڻون،
ڪيئن ڪينجهر ڪراچيءَ مٿان هٿ کڻون،
پنهنجي نوري تماچي مٿان هٿ کڻون.
۽ وڏيرن جيان سنڌ وڪڻي ڇڏيون!!؟
شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون.
پنهنجا ايندڙ نسل دربدر ٿي رُلن،
ذلتن ساڻ ڪيمپن ۾ پلبا رهن،
پنهنجي وڏڙن تي لعنت ملامت وجهن،
مارئي جي وطن جا مياري ٿيون؟!
شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مرون.