درياءَ سان سوال
ورهن جا اڄ وانگيئڙن کان، ويساهه ڏيئي تو ورتا وير،
سارا سورهن سال سڪي تو، پيت ۾ پاليا پرت پنوهار،
ريلن ۾ تو رائو ڏيئي، ڄايا لاڻا لوت ليار،
پاسا تو ته پسائڻ ڇڏيا، پيريءَ وارا تنهنجا پار،
ملاح پٽي ويا مڏيون توتان، ٻيڙيون ٻاري ٿيا ٻڪرار،
ڀرم ڏيئي ڀاڳين کي پوءِ، ڀنڀٽ بڻجي ڀريئه پير.
گهيرا ڏيئي تو گهارا پائي، راڄ روئاريا راتو رات،
سانگيئڙن جي ساهه ۾ سونڪو، سڀ ڪنهن سر تي ٿي سڪرات،
ڪاري رات ۽ ڪلهن ڪلها، ووءِ ووءِ واتو وات،
ڪلهن ڪيهون راڻن ريهون، ڪو نه رهيو ات ڪنهن جو ڪير.
پڃرا ٽوڙي پر پکيڙي، پهرين ڀريئه پنهنجو پيٽ،
چوڌاري تو چٽ ڪيا پوءِ، چڱڙا چانديءَ هاڻا چيٽ،
ساين ٻنين سيرون ڏيئي، مارو ڪيا تو مليا ميٽ،
لکين لڙهائي لهوارا تو، لونيارن کي ڪيئڙو ليٽ،
ڍار ڍنگر جي ڍول رهيا ٿي، تن جو ڪيو تو ڍينگو ڍير.
موج ڪري مهراڻ ميان تو، ماري مارن مال ڇڏيا،
آٽا لٽا ۽ آجها به پنهنجا، اڄ ڇڏيا، ڪن ڪالهه ڇڏيا،
گوتا کيندي گونگن جيئن ڪن، لڇندي پنهنجا لال ڇڏيا،
جوءِ سڄيءَ ۾ جهانگين لئه تو، جاڳائي جنجال ڇڏيا،
ٽنگ ڀڄي ته به ڪين رهي ٿي، هي به هريڻي واري هير.
ڀاڳين ڀنگا ڀنگ ڪيئي پر، وڌءِ ماڙين ۾ ماتام،
دهشت دڙڪا جهولن جهڙڪا، ڪنن ڪڙڪا ڪاري قيام.
بند ئي ٽوڙي ڇڏيئه ٻوڙي، سانڀيئڙا جي تنهنجي سام،
شهرن بحرن شيل ڪيا تو، ڳاهي چڙهين ڳوٺ ۽ گام،
سوشلزم تي ٺهندي آيو، پاتا جت تو پنهنجا پير
اُڀ مان پاڻي ڌرتي پاڻي، پاڻي پاڻي پورو پٽ،
ڪٿ ڪا ٽڪري تنهن تان چڪري نانگن جهڙيون ۽ ٻيا جهٽ،
کاهڙ وارن کپرن کائي، ڪيا چرڻ چلڻ ڪنا چٽ،
تنهنجا پڻ هي حاڪم وارا، ساڳيا نخرا ناز ۽ نٽ،
جوڙڻ ۾ جن جڳ لڳا، تن ٻوڙڻ ۾ تو دم جي دير.
ڪن جا پڌرا پورا ڏينهن ۽ ڪن کي سانڀاهي جا سور،
ڪالهه ڄڻيا ڪن اڄ ڄڻيا، سي ماروئڙيون ٿيون مجبور،
جيئڻ جهنم، مرڻ مصيبت، “منشي” ڪيڏا ڪيئي ڪلور،
ڀاءُ رهيو نه ڀاءُ سان ڀيڙو، ڌيءَ ڪٿي، ڪٿ ماءُ مجبور،
ڦوڪ ڏيئي تو ڦوڪي ڇڏيا، ڦيري ڦوڙائي جا ڦير.