![سنڌ جي مزاحمتي شاعري, ليکڪ : پاويل جوڻيجو سنڌ جي مزاحمتي شاعري, ليکڪ : پاويل جوڻيجو](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/43108955_419582645238426_2454586935084056576_n.jpg)
سنڌ جي مزاحمتي شاعري
ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.