مرڪز
اسان جو رت ٿيو نيلام، ڪيڏا سال مرڪز ۾.
اڃان مضبوط مرڪز جو، نٿو ڀانڊو پيو ڀرجي،
اُماڻياسون هتان ابدال، سي ابتال مرڪز ۾،
اهو ميجر، اهو ڪرنل، اهو جرنل جگر کائي،
سدائين سنڌ پئي ٿڏجي، مثل فٽ بال مرڪز ۾.
وڏيرن کي ڏيئي ڪرسي، ڏسو پوءِ تن سندي مڙسي،
هو وتندا پاڻ گهوريندا، عيال آل مرڪز ۾.
پٺاڻن پنهنجي پت پاري، بلوچن باهه هت ٻاري،
هيءَ باقي سنڌ ويچاري، ڪسي ڪنگال مرڪز ۾.
اهو سر سنڌ وارا ڀي، صفا پيا سينڍ ۾ سمجهن،
ڪڏهن چنچل ۽ ڪلواڙو، ڪڏهن تنتال مرڪز .
يقينن ديس پيا تسليم، ٿيندا هر زماني ۾،
ڪڏهن سنڌو، ڪڏهن سرحد، ڪڏهن بنگال مرڪز ۾.
هميشه ڪو نه رهندا هي، وڏيرا قوم جا وارث،
ڏيکاري معجزا مهدي، رهن دجال مرڪز ۾.
هڻي نذرل ويو نعرو، ڀٽائيءَ جو وريو وارو،
وڃي رهندو هو دل ڪارو، اڌڙ اقبال مرڪز ۾.
مرڻ ڪارڻ لکين “منشي”، اچن پيا ڳاٽ اوچي سان،
ڇڏيندا ڪو نه پنهنجي ديڳڙي ۽ دال مرڪز ۾.