شاعري

سنڌ جي مزاحمتي شاعري

ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي مزاحمتي شاعري

ڪاوڙ ڇڏ

تون ڪاوڙ ڇڏ، تون ڪاوڙ ڇڏ!
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي،

موهن جو قسم، مڪليءَ جو قسم،
هوشو جو قسم، هيموءَ جو قسم،
دولهه جو قسم، دودي جو قسم،
سچل جو قسم، ساميءَ جو قسم،
مخدوم شهيد جي، سر جو قسم،
آ توکي پنهنجي گهر جو قسم،
۽ ڀٽ ڌني سائين جو قسم،
سڀني جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ!
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

هر باک جي ويلا ميڙ اٿئي،
چنڊ تارن ميلا ميڙ اٿئي،
هي روح رونهن به ميڙ اٿئي،
انداز ۽ ناز به ميڙ اٿئي،
هيءَ ادبي سنگت ميڙ اٿئي،
هو شيخ اياز به ميڙ اٿئي،
هو نجم عباسي به ميڙ اٿئي،
هر سنڌو واسي ميڙ اٿئي،
هر پيار جي لڳ پڳ ميڙ اٿئي،
هي جوڀن جڳ مڳ ميڙ اٿئي،
هن پنهنجي پياري پياري من،
مرضيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مُرڪ جياريندي.

جنهن پاڻ پئي قربان ڪيئه،
۽ پالي تاتي جوان ڪيئه،
جنهن ڇا ڇا پئي احسان ڪيئه،
ڄڻ پو ڄڻ لئه ڀڳوان ڪيئه،
جنهن علم عقل ۽ هوش ڏنئه،
جنهن جذبو جواني جوش ڏنئه،
جنهن ممتا موهه ڀريءَ دل سان،
هر ويل اٿي آغوش ڏنئه،
جنهن گيتا ۽ قرآن جيان،
پئي ور ور نئون نئون پوش ڏنئه،
ڪيڏيون نه ڪيون مون منٿون پر،
ڪوئي نه انهن ڏي گوش ڏنئه،
جنهن شهر ۾ تنهنجو گهر، تنهن هر،
شهريءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

جنهن وقت تي لهندي چڙهندي آن،
جيڪو ڀي لکندي پڙهندي آن،
تنهن لهڻ چڙهڻ جو قسم اٿئي،
۽ لکڻ پڙهڻ جو قسم اٿئي،
هو سونيون چوڙيون ٻانهن ۾،
ٺاهو ڪيون ٺهڻ جو قسم اٿئي،
ڪاليج ڏي ايندي ويندي آن،
ان اچڻ وڃڻ جو قسم اٿئي،
جو سمجهي سگهندي ناهين ڪڏهن،
سو سر کان پڇڻ جو قسم اٿئي،
دروازي تان موٽائي ڇڏيئي،
ڄَڻ مور پَکي ڪُهرائي ڇڏيئه،
ٻي دل ته پرائي دل آ پر،
پنهنجيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

جي ويس مري رُئجانءِ نه تون،
تربت جي طرف اچجانءِ نه تون،
گل تازا ڪي رکجانءِ نه تون،
قُل ڪلما ڀي پڙهجانءِ نه تون،
۽ سُڏڪي سَڏ ڪجانءِ نه تون،
تون سَڏ ڪندين ته اُٿي پوندس،
۽ محشر سمجهي جي پوندس،
پوءِ ماڻهو پير سڏيندا پيا،
پر مون کي پير کان نفرت آ،
هر داد گير کان نفرت آ،
هن سنڌ جا سادا ماڻهو ٿئي،
ويچارا موڳا ماڻهو ٿئي،
او ٻاجهاري هر ٻاجهاري،
سنڌي جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

هن گل گلزاري ڏي ڏس تون،
هر سائي ٽاريءَ ڏي ڏس تون،
دل دردن ماريءَ ڏي ڏس تون،
اک لُڙڪن واريءَ ڏي ڏس تون،
پوشن ۾ پهريل ڇا پيا هن،
هن گهر جي جاريءَ ڏي ڏس تون،
اُستاد بخاريءَ ڏي ڏس تون،
سرڪش جي زاريءَ ڏي ڏس تون،
هن ساري جڳ ۾ جيڪا ٿي،
تهن چيز پياريءَ ڏي ڏس تون،
ڏس ڪنهن کي ڪنهن کي ميڙ ڪيان،
سرتيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
ڌرتيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
ٻوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
لوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
ه تنهنجي آڏو ڦهلايل،
جهوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

³