تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!!
منهنجي نظرن ۾ نوڙي نگاهون نه وجهه،
منهنجي عيبن تي ايڏيون پناهون نه وجهه،
منهنجون روڪي ادائن سان راهون نه وجهه،
مون کي مرڪن جا تحفا ڀلي تون نه ڏي،
مون کي دامن ۾ ڳوڙها ۽ آهون نه ڏي،
پر جي ڏين ٿي ته ڏي لڙڪ برسات جيان،
داغ ڌرتيءَ تان ڌوڪن جا ڌوئي ڇڏيان،
تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان.
تون جا وک ٿي کڻين سا به تحريڪ آ،
۽ جي بيهين ته تحريڪ کي ليڪ آ،
ٿورو ٿڙڪين ته تهذيب تاريڪ آ،
۽ سنڀالين ته تاريخ ڄڻ ٺيڪ آ،
سونهن تنهنجي جي سنڌو ندي ٿي لڳي،
پياس منهنجي به ويهين صدي ٿي لڳي،
مان ته پياسو صدين جو ٿو پياسو رهان،
ڄڻ ته ڪا ڇو ڪُلهن تي کنيون ٿو وتان،
تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!
توسان اهڙي ملاقات ٿي اوچتو،
جيئن ٿر تان ڪو گذري ڪڪر قسمتي،
تون جي وڇڙين ته ڄڻ زندگي ڌرتتي،
تو سان جيون جهنم به ڄڻ جنتي،
تون جي مرڪين ته مهراڻ ۾ موج آ.
تنهنجي ڪاوڙ ڪچي ۾ ڪا ڄڻ فوج آ،
وهم ۽ وسوسا هن خوشين جي پٺيان،
دل کي دردن جي گهيري مان پيو ٿو ڪڍان،
تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!
مون کي ڀاڪر جي بدلي ۾ ڀالو نه هڻ،
مون سان ڀلجي وڇوڙي جو نالو نه کڻ،
تو سان اڳ ۾ ته ڪيڏو ڏکيو هو ملڻ،
ڄڻ ته سادي سنڌيءَ جو ڪراچي اچڻ،
ڄام شوري جي اڄ تون هوا ٿي لڳين،
سنڌ جي سونهن جي ڄڻ بقا ٿي لڳين،
هاڻي جيڪا به پنهنجي حياتي جيان،
تو کي ويهي ڏسڻ جي عبادت ڪيان،
تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!
پيار هاڻي ٿي عادل پيو ڏوهه آ،
ڏوهه ننڍڙو نه پر ڄڻ وڏو ڏوهه آ،
ڏوهه ٿيندو نه آ پر ڪبو ڏوهه آ،
مون ته هڪ ٻئي پٺيان پئي ڪيو ڏوهه آ،
پيار جي مون کي پڪڙي سزا ڀل ته ڏيو،
هڪڙو ڀيرو نه سئو سئو دفعا ڀل ته ڏيو،
ڏوهه سارا ننڍا ۽ وڏا ٿو مڃان،
ڏوهه اهڙا برابر ڪندو ٿو رهان،
تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!