متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي ۽ وير ٻراڻا واريون ڙي.
وک وک تي جن ڪيا وڏيرن ويڙهيچين سان واويلا،
شام صبوح ڪوڏار هڻي، ته به سير آٽي لئه سو ٿيلا،
ڪئين ڪٺا تن پيٽ بکيا ۽ آنگ اُگهاڙا البيلا،
اهڙا موذي ملڪ سڄي مان چونڊي ماريون ڙي!
قاتل قوم فرنگ جو چمچو، جاچ اهو جاگير ڌڻي،
مير هجي يا پير هجي يا جان بهادر هجي کڻي،
پڇا ڪري ڏس پيڙهياتن کان، ڪٿان تو هيءَ جاگير ڄڻي،
پورهيتن جي پگهر منجهان ٿو، ننگيون نچائي ناريون ڙي!
مزدور جي ماس منجهان ٿو، مالڪ مل ڏس موج ڪري
وال ڪروڙين رو زبڻائي، پوءِ به تنهن کي سور سري،
سردي گرمي گوڏ گنجيءَ ۾ بنا ڪفن مزدوري مري
مرون ۽ ماريون ماروئڙن تان ظلم ستم هي ٽاريون ڙي!
زردارن جا ظلم هتي جي، کاهڙ ۾ ويهي کولي ڪو،
آٽي لٽي ۽ ادا اجهي لئه، ٻڙڪ هتي جي ٻولي ڪو،
پنهنجي هٿ سان پنهنجي ڳچيءَ لئه سوري ڄڻ ٿو ڳولي سو،
سانگيئڙن لئه، ستم هزارين ڪهڙا ساري ساريون ڙي!
خون ڪرائي وڏو وڏيرو، سيٺ، چوڌري، رئيس هتي،
جهوپن وارن جهانگيئڙن لئه، پاپي پوءِ پوليس هتي،
ڪنگالن لئه ڪيس هتي ۽ پورهيتن سان پيس هتي،
چور ڇٽا، چالان چڱا ۽ گگدامن تي گاريون ڙي!
ويل هزارين وانگيئڙن تي اڳي وڏيرو ڪري هزار،
مسڪينن جي ماس مٿان ٻيا ڌارين ٻولي وارا ڌار،
“همين ملي هي زمين نڪل جا تيرا نهين ڪڇ اِڌر وقار،”
ڪيئن ڪريون ڪاڏي وڃون ۽ ڪهڙي در پڪاريون ڙي!
انڌير نگري ادا ڙي! هن ۾ ماءُ نه سهڻي ڌيءُ ڄڻي،
ظالم ڏس زردار وڏيري کي جي ڪنهن ڀي وقت وڻي،
زوريءَ سان ٿو ظالم تنهن کي کوهه مٿان ڏس کڻي کڻي،
اهڙا ڳولهي ڳولي ماريون، سيني کي ڪجهه ٺاريون ڙي!
ساحل کان هي دور جي ٻيڙيون، لهواريون ڪي اوڀاريون،
سڙهه سنواري تن جا ساٿي، ماڳ پهچايون موچاريون،
پهچو تن کي پري نه ڇڏيون، ناکئا ڏيئي ناتاريون،
اچو ته “منشي” گڏجي تن کي، طوفانن مان تاريون ڙي!