انسان اٿيو
ڪارونجهر جيءَ ڪور مٿي
ڪو سائو پيلو مور نچي
هو ڀورو ڀورو بادلڙو
بي راهه مسافر جيان ڀٽڪي
ڏس سر ۾ آهي ساهه پيو
ٿي گوڙ گجي ٿو مينهن وسي
لهندڙ سج جي لامن ۾
ڪا شام هئي شمشام هيو
هن رات جي ڪاري روپ اندر
ڪو پرهه سندو پيغام هيو
منهن مير مهل جا ماڪ اٺي
ايءُ رات سندو انجام هيو
ڪرڻو ڍنڍ جي جهرڻي ۾
ائين آهي چڀيو ڄڻ تير کپيو
هوءَ ناسي رنگ جي نئن هلي
ڪو گور هاڙو آ گل اڳيو
ولهار سڄو آ واسي پيو
انسان اٿيو انسان اٿيو