هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏو سارو هاڃون هيل
هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏو سارو هاڃون هيل،
پاڻي بند پنوهارن جو ٿيو،هي به يزيد امام جو کيل.
دردوندن جون دانهون تو تي، ديس منهنجي جا درياهه شاهه،
ڪهڙي روڪ آ روڪيو توکي، پنوهر پياسا ٿي ويا پاهه،
صدين کان تو سيرون ڏيئي، واهيا وانگين واهڙ واهه،
منهنجي ڏٻري ڏيهه سڄي جو، سنڌوءَ تون ئي ساهه پساهه،
تنهنجي سوڪ آ سنڌ سڄي تي، جهڙي تاتارين جي ڪاهه
مانڊي ڪنهن تو منڊ وڌا، يا پاڻ کڻي وئين چت تان چاهه
اسان ڦڙي لئه ڦٿڪون ويٺا، تنهنجي ڍولڻ هيڏي ڍيل!
سهڻا سوڍا، درس ڇڏي ويا، پنوهر، پليجا تنهنجو پيٽ،
وري ور ڏيو پئي واري اُڏامي، جت هئا چانديءَ هاڻا چيٽ،
آبادي اس کڻي ويئي، جهوريو جهولن جي ته جهپيٽ،
ملڪ مٿان ڄڻ موت ڦري ويو، مارو ٿي ويا ملياميت،
تو نه جڳائي جڳ جا جاني، هيڏي ساري لالڻ ليٽ،
گونگن ٻوڙن گگدامن جا، پاڻيءَ ريءَ ٿيا پلا پيٽ،
رت روئاري راڄ ڇڏيا تو، هاڻ اچيڪر ريل ۽ ڇيل!
بيجا ٻارا ٻنيون ونيون، ٻار ٻڌا سڀ جواڻ جماڻ،
تاڙي واري تانگهه تنين کي، تن ۾ تولئه تاڻو تاڻ،
توکي پرتل هي پرين کان، لاڙيچن جي هي لاڏاڻ،
سوين هزارين سهڻيون ٻوڙيون، موجون ماري ٿو مهراڻ،
ڇا اڄ کان تو ڇيهه ڪيو يا، ڏاڍن جا ڪي پيئڙا ڏاڻ،
خشڪيءَ کان هٿ خالي ٿي ويا، ڀريل تريل اڳين ڀاڻ،
جيئڻ جهنم جهانگيئڙن جو، جڳ ٿيو جت ڪٿ جهڙو جيل!