ڪن رولن سمجهي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.
اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ
نه ته گهر به ويندءِ سر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مون کي سنهن،
ڪر کڻي اڄ ڪونڌر اُٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو منهن،
ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!
منڍا کائي مورين جا هتي، متو آهين مانگر مڇ،
ٿورا ڏينهن اهي ٿونا تنهنجا، راڻن ڦيريا تو تي رڇ،
ڪنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڃندين ڀڄ ۽ ڪڇ،
تو لوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي رئت کي،
هي لٺين جون تان لوليون توکي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!
هي دودي دريا خان دلاور، ڌوپارن جو ديس اٿئي،
هي مانجهين مردن ٻاگهين ٻارن، جهونجهارن جو ديس اٿئي،
هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگهارن جو ديس اٿئي،
شينهن ستل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
تو رت تپايو راڻن جو، هي هڏ به تو هضمات ڪندا،
هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي، جي ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!
هي ٻُلي سچل، سانوڻ، شاهه ڀٽائي گهوٽن جي،
هي ٻُلي ڪل کان آهه قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽ ماساتن جي سوٽن جي،
آڱر هن ڏانهن جيڪو اٿاري، تنهن جو ڌڙ سر ڌار ڪندا،
هي “منشي” سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽڪرا چار ڪندا،
هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!