اڙي دل!!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل؟
رڳو ناهي تنهنجي
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل
ڏسين ڇو نه ٿي سارو ساڻيهه صدين کان
آهي سُتل،
ڪسابن کان،
ساري ڪڙم جي ڪنن ۾ ڪپهه آ پيل
اچ انهن ڏي هلون!
جن جو ناهي ڪڏهين ڏور، ڇلڙو، جمالو،
همرچو ٻڌل،
جن جا سڀ گهيٽڙا،
گهنڊنين لئه سڪيل،
اچ انهن ڏي هلون!
جن جو ناهي ڪڏهين،
چيٽ جي چنڊ جو گيت پهريون چيل،
جن جا سڀ کيٽ ۽ چيٽ
وڪجي ويل،
اچ انهن ڏي هلون،
جن جي پکڙن پهين تي،
وٿاڻن وهين تي،
ڌريان ئي ڌڌڙ ڌوڙ آهي ڄميل،
پنهنجي تاريخ کان پڻ اوناها ڍڪيل،
جن جي لاڻن لين تي،
۽ کٻڙن کهين تي،
ڌارين اُٺن جا، سوين ڌڻ پليل،
جن تي ناهي بهارن جو پاڇو پيل،
هل انهن ڏي به هل!
جيڪي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌاريان ٿيل،
ضميرن تي پڻ جن جي ڌاڙا لڳل
رڳو بهشت جي آسرن تي پليل،
اڙي دل، اڙي دل!
انهن ڏي به هل!
جن جي نيڻن ۾ ناهي ڪو سپنو سجيل،
جن لئه ميگها جي رت کي منع آ ٿيل،
جن جا سڀ ڀاڳ،
ڪاهوءَ جيان اُجڙيل
جن جو هر ماڳ،
رڻ ڪڇ جو صحرا تتل،
هل انهن ڏي به هل،
جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾،
رڳو چند آسن جا لاشا ڍڪيل
جن تي
دردن ۽ سورن جا ڪتاب لکيل
اچ انهن ڏي هلون،
جن جا ”چُپ“ سان چپڙا به آهن سبيل،
جن جي واتن مٿي
ماٺ مهرون لڳل
جن جا سڀ قافلا
رهنما جي ڦريل، رهبرن جا لُٽيل،
جن لاءِ منزلون مام بنجي ويل
اڙي دل!
اڙي دل!
انهن ڏي به هل!
وقت ويريءَ هٿان
جن جا چهرا چَماٽن سان آهن چٿيل،
جن تي آهن اڃان
جن تي آهن اڃان
سونهن سچ جي شهادت جا منظر چٽيل،
اڙي دل!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل!
ڏسين ڇو نه ٿي؟
لوڪ سارو اٿئي،
وک وک تي وڍيل!
ڪو آ قربن ڪٺو،
ڪو آ ڪاتيءَ ڪُٺل،
رڳو ناهي تنهنجي،
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل.