اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين! ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين! ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.
اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.
اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجهي هنيان نه هاريو.
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گهرڻ سان گهٽبي نه ڪا لهر آ.
لڦن جي لالي ڀري ترين ۾، گسن جي مٽي ڌري اکين ۾،
هلي هلي بس ٿڪي پياسين گهڻو ٻڌايو اڃان سفر آ.
ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
والله! عضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.
ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڃاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇاجا؟
گهڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.
اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.
اسان ته سنڌ سنڌ زخم سٺا سين، اسان لٽاسين اسان ڪٺاسين،
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.
تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي ؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به کلنديون سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ.
³