جلا وطن
نه جنهن جو ڪوئي آهيرو، نه آشيانو ۽ چَمن،
مان به پنهنجي ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.
روز ٿو زهر پيان، مَران جيان، جيان مَران،
ڄڻ ڪلاچيءَ ڪن ۾، ٻُڏان تران، ٻُڏان تران،
ياديول جي ديپ جيئن، اُجهان ٻران، اُجهان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد هجان مان بدن،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.
نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه ڄڻ منهنجو مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ، نه منهنجو آستان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي ڌرتي آ، نه منهنجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي، مان لاش جو ميرو ڪفن،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.
جا مرڪ مون کان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
مان رَت رُنس جو ظالمو! تنهن لڙڪ جو اهي قسم،
جيجل جي مٺڙيءَ تڇ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن،
مان ڪيئن رهان جلا وطن، مان ڪيئن رهان جلا وطن.