درياءِ جو جواب
مرڪز ٽوڙي موٽي آيس، سنڌ مٿان هو ڪرڻو سير.
ٻڌڙي شاعر ڳالهه ٻئي جي، ڏنئي ڏمرجي ڏاڍا ڏوهه،
سارا سورهن سال سڪائي، ڊوهين مون سان ڪيئڙا ڊوهه،
زنجيرن ۾ زوريءَ جڪڙي، لڱ لڱ منهنجي لاتئون لوهه،
ڇڙيون هڻندي نيٺ ڇنائي، پهرين تن تي ڇنڊيم ڇوهه،
سالن کان سڪ، سنڌ گهمڻ جي، پوءِ تيڏانهن پاتم پير.
ڀر ڇڏي ويا ڀاڳيا منهنجي ڀنگا جن جا ٿيا ڀڙڀانگ،
پنوهر، پليجا، سهڻا سوڍا، ڳاڙهيون ڳئون ۽ چريا چانگ،
ڪٽ ڪٽ ڪن جت ڪاموبن تي، ڪاموريون ات ڪارا نانگ،
سرليون هڪڙِون چالن چڙيون، هونگر هون هون ڇڙيل ڇانگ،
ڇٽي ڇماٽي ڇانگ ڇنل ڪا، ڇوٽ پريان ڇمڪائي ڇير،
منهنجي حد جي هارين جا هت، هئي هئي ٿي ويا هيڻا حال،
ريلن رائو آڪ ڦلهاريا، سال سڪي ٿي ويئڙا سال،
ارهي ائنري ڪيا آٻالا، اهکا تن جا آل عيال،
چيٽ ڪتيون سڀ چٽ ويا ٿي، ڀون ءِ سڄي تي پيو ڀونچال،
ڌار ڪيو هو ڌارين “منشي” وانگيئڙن سان جن جو وير.
چوراسي ۾ چالون ٺاهي، بندون ڏيئي ڪيائون بند،
پنجاسي ۾ پاپين منهنجا، روڪي ڇڏيا سڀئي رند،
تربيلا ۽ منگلا ٺاهي، صاف سڪائي ڇڏيئون سنڌ،
ڀاءُ سڏائي ڀينگ پيا ڪن، هاڻو بڻجي سي هر هنڌ،
چٽا پٽا ۽ ڌاريا پڌرا، ساڳيا سسئي وارا ڏير!
هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏا سارا هاڃان هيل،
اسان ڦڙيءَ لئه ڦٿڪون ويٺا، پاڻ پيئن پيا ريل ۽ ڇيل،
ڪڇون پڇون اسلام کي خطرو، جاءِ اسان لئه آهي جيل،
ڪيستائين رت هي روئندا، ڍٽ ڌڻي هي ڪيسين ڍيل،
قربانيءَ ري ڪير نه ڪنهن کي، ڏيندو آهي بٽڙي ِٻير.
گهوڙا هيڏي گهٽ ۽ ٻوسٽ ٻنين ونين ٻول ٻرن،
سوڪهڙي ۾ ساهه منجهي پيو، ساري ڌرتي سپ سرن،
پيئڻ بلائون پهري پيون، پنوهر ڪهڙي پار پرن،
“منشي” مارن وات ۾ ٻچڙا، ڪهڙي در تان دان گهرن،
چونڊيل گڏجي چرچا ڪن پيا، اسيمبلي ۾ آهي انڌير.