تون آڌيءَ رات اُٿارين ٿي، ۽ منهنجي ننڊ ڦٽائين ٿي
جي رهجي ويا ها گيت اڳي، سي مون کان گيت لکائين ٿي.
اڌ رات اچي جاڳائين ٿي، ۽ ڇم ڇم ڇيرون پائين ٿي،
ٿاپير پُڄن آڪاش مٿان، هي ڪهڙا ناچ نچائين ٿي.
مان تنهنجا چنڊ ستارا هان، ڪيڏيءَ نه تجلي وارا هان،
ڪيڏا نه گلن جا کارا هان، سنسار سڄو مهڪائين ٿي.
سڀ سَاز سُرندا تنهنجا ها، آواز نه ٻُرندا منهنجا ها،
هر چَؤنرو ڪوئي ڀونرو آ، گنجار ائين ڦهلائين ٿي.
هر ڏات به تون برسات به تون، ۽ ساري ذات صفات به تون،
۽ سانوڻ جي برسات به تون، ٿي مور سوين پر ڀائين ٿي.
تون مندر جو دَرُ کولين ٿي، پر دير ڏسي جا بولين ٿي،
ٿي گُهنڊ هزارين ٻولين ٿي، تون سڀ جي ننڊ ڦٽائين ٿي.
سنسان ڊگر، ويران نگر، ڪنهن وقت هيو آباد مگر،
ٿي منهنجا پير ڇڪين اُن ڏي، ۽ منهنجو پنڌ پُڇائين ٿي.
هر وقت هوا جون هيرون ٿي، اڌرات سڳنڌن، سيرون ٿي،
رابيل ڦٽائين ٿي ڪيڏا، ۽ هَار هزارين پائين ٿي.