تعارف:
اها ڪنهن کي پرک نه هئي، نه ئي وري اهو ڪنهن ڄاتو هوندو، ته سنڌ جي تاريخي شخصيتن جي جنم ڀومي، نوشهروفيروز شهر جي هڪ ميمڻ محلا ۾، پهرين جنوري 1975ع تي، الهندو ميمڻ جي گـﮬر ۾ هڪ ڪوي (شاعره) جو جنم ٿيو آهي، جنهن نالو آسيه آهي؛ جيڪا اڳتي هلي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجو اهم نانءُ پيدا ڪندي ۽ تخليقي نانءُ عائشه ميمڻ جي نالي سان سڃاتي ويندي.
پر هڪ نفيس جذبن جي مالڪ ۽ سماج جي درد سان سرشار عائشه، آسيه جي دل ۾ ڪڏهن کان لڪل هئي، اهو ته ان آسيه به نٿي ڄاتو. وقت گذريو، حالتن ڦيرو کاڌو، من ۾ تخليقي جذبن جي وڌندڙ ڪروڌ وڌيڪ عائشه کي آسيه رهڻ نه ڏنو؛ ۽ هن قلم جي نوڪ کي ڪيفيتن جو امين سمجـﮬـي اپنائي ورتو . زندگيءَ جي ڊگر تي هلندي هن تعليمي ميدان ۾ ايم اي ،ايم ايڊ به ڪئي، ان سان گڏ سنڌ جي تعليمي مستقبل کي سنوارڻ واري جستجوءَ خاطر استاديءَ جو پيشو به اختيار ڪيو، هن وقت هوءَ هڪ جفاڪش ۽ شفيق استاد طور پنهنجون خدمتون به سر انجام ڏئي رهي آهي، ته شاعريءَ جي ذريعي پيغام به ڏئي رهي آهي. هن جون اهي ٻئي خدمتون هن جي سڀاءَ کي نمايان ڪن ٿيون.
جيتري قدر آءٌ عائشه کي سڃاڻان ٿو؛ عائشه سنڌ جيجل لاءِ پنهنجي سوچ، لوچ ۽ وس ۽ وِت آهر عمل ڪندي رهي آهي. عائشه سماج جي ماريل، مجبور ۽ غربت جي گـﮬـاڻي ۾ پيسجندڙ مسڪينن جي خدمت ۽ ٻارن جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. اهڙو عمل قومي سوچ ۽ درد رکندڙ انسانن ۾ ئي هوندو آهي.
عائشه ميمڻ سان منهنجو ملڻ ته نه ٿيو آهي، پر فون تي ڪڏهن ڪمي ڪارين ڳالھائڻ ٿيو آهي، ته ائين لڳندو اٿم ته پنهنجي ئي ڪنهن گـﮬر ڀاتيءَ سان مخاطب هجان. هن جي ڳالهائڻ ۾ سڀاءُ، ماٺيڻو پن، اخلاق، ادب ئي نظر آيو آهي. سچ به اهو آهي ته ادب ۽ اخلاق سان ئي هڪ انسان ، ٻئي انسان جي دل کٽي وٺندو آهي. اها سگـﮬـه قدرت واري عائشه جي طبيعت ۾ به سمائي آهي، جو جنهن سان به عائشه مخاطب ٿيندي هوندي، ان کي عائشه منجـﮬـه پنهنجائپ محسوس ٿيندي هوندي .
عائشه ميمڻ 1990ع کان باقائده شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن مان خاص طور غزل تمام سهڻو لکي ڄاڻي. ان کان علاوه نظم، گيت، وائي، پنجڪڙو به شاندار لکيا اٿائين.
عائشه جي شاعري ۾ پيار به آهي ته سماج ۾ اجايو نفرتن کان بيزاري به آهي. ڀٽائي جي سورمين جا درد ۽ آهون به آهن، ته انهن سان وفاداريون به آهن. ديس جي ڳڀرو نوجوانن جي قرباني به آهي ته انهن جا موڙ ٻڌا چهرا به آهن، رشتن جون ويساگـﮬـاتيون به آهن ته انهن جي پنهنجي ٻانهن مٿان سر قربان ڪندڙ شعر به آهن. عائشه جي شاعري سماج جو آئينو آهي، هن جي هر سٽ احساس رکندڙ ماڻهوءَ جي ضمير ۾ چُهنڊڙي ضرور وجـﮬـي ٿي، جيڪا هڪ لڇاءُ ضرور ٿي پيدا ڪري، هن جي غزل جي شاعريءَ ۾ نماڻائي، رشتن جي لاتعلقي، سماجي قدرن جي ڀڃ ڊاھ، ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ڏکاريون ڪيفيتون جابجاءِ ملنديون. سندس غزل جون هي سٽون پڙهي اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته هوءَ ڪيئن آمد کي تخليقي شاهڪار ٿي بڻائي؛ هن جي پيشڪش جو انداز سادو سلوڻو، جدا گانو ۽ پنهنجو ئي آهي، پر ڏاڍو پر اثر آهي:
پاڻ نه پنهنجون ڳالهيون رهنديون،
اکڙيون ڪنهنجون آليون رهنديون.
ڪيسين هيءُ ڏهڪاءُ ڪراچي!
ڪيسين رت جون ناليون رهنديون؟
ائين ئي هوءَ ٻين صنفن ۾ به اجايو سجايو درد نه ٿي اوري. هوءَ هر خيال کي، هر ڪيفيت کي هر تڙپ کي لاوو بڻائي پوءِ قلم جي نوڪ تي آڻي، ان ئي صنف ۾ نروار ٿي ڪري، جنهن ۾ هن جون ڪيفيتون هن کي حڪم ٿيون ڪن.
مون کي عائشه جي وڏي بهادري ته اها لڳندي آهي جو هوءَ پنهنجي شاعريءَ تي تنقيد صبر سان ٻڌندي آهي ۽ برداشت به ڪندي آهي، ۽ جائز تنقيد کي مانُ به ڏيندي آهي؛ اهو سندس اعليٰ ظرف آهي ۽ اها ئي سندس علم جي نشاني به آهي.
عائشه جي 23 سالن جو تخليقي پورهيو اڄ ڪتاب دليون درسگاهون جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. عائشه جو تخليقي پورهيو سنڌي ادب ۽ ادب دوستن ۽ ڌرتي ماءُ جي امانت هو، جيڪا امانت اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي. اوهان ليکاري ۽ قاري ئي عائشه جي تخليق جي گواهي ڏيندا ته هوءَ ان پورهئي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي؛ ۽ سندس شاعريءَ ۾ ڪيتري سگـﮬـه آهي. اميد ته عائشه ميمڻ جيڪڏهن ائين لکندي رهي ۽ هن کي اتساھ ملندو رهيو ته هوءَ سنڌ جي ناميارن شاعرائن ۾ ضرور ليکجڻ جو حق رکي ٿي.
درد هوش محمد
خيرپور ميرن واري
Cell: 0300-3148071