شاعري

دليون درسگاهون

هي ڪتاب ”دليون درسگاهون“ سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. عائشه ميمڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رخسانه پريت ۽ روبينه ابڙو کان پوء به عورت شاعرائون پختي شاعري ڪري رهيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2259
  • 887
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عائشه ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دليون درسگاهون

پنهنجي پاران

ڳالهيون، ڳوڙها، شاعري

مون کي زندگيءَ کان ڪڏهن به شڪايت ناهي رهي، ڇو جو زندگي ئي ته آهي، جيڪا هر شئي جو احساس ڏيئي ٿي. زندگي هر انسان کي الله پاڪ جي سوکڙي ڏنل آهي. زندگي ته محبوب آهي ۽ محبوب کان بيزاري ڪرڻ ڪفر چئبو. اهو به سچ آهي ته زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي؛
ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن تان!
زندگيءَ جون ڪيفيتون درد هوش محمد جي هن شعر ۾ ڏسندي آهيان ۽ اهي سٽون هميشه منهنجي زبان تي ٻُرنديون آهن.
هر دور ۾ رهي آ ڊڪ ڊوڙ زندگيءَ ۾،
ايندا رهيا هزارين من موڙ زندگيءَ ۾.
هت پيٽ ٿو ڳڀو گهري هُت پياس پيار جي،
آسون پليون پيارا هِنِ کوڙ زندگيءَ ۾.

سچ ته زندگيءَ ۾ هزارين موڙ ايندا رهن ٿا ۽ زندگيءَ کي وقت جي بارگاهه ۾ وڏا وڏا امتحان ڏيڻا پون ٿا، هر ساهه سختا ڏسي ٿو، هر روح پيڙا ڀوڳي ٿو، پر پوءِ به زندگي پياري رهي ٿي. زندگيءَ تي هر اديب شاعر گهڻو ڪجهه لکيو آهي پوءِ به اهو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنهن زندگيءَ تي ڪجهه به ناهي لکيو! اهو زندگيءَ جو ڪمال آهي ته سُور ۾ به سرور ڏيندي آهي، اهو سرور جنهن جو سبب ماڻهو سمجهي ناهي سگهندو. زندگيءَ جي اهڙين ڪيفيتن ۾ مون کان پڻ شاعري لکجي ويئي، جن منجهان ڪجهه شعر آئون هتي شيئر ڪريان ٿي.
نه ڪا ساڻ سرتي سهيلي رهي
ازل کان حياتي اڪيلي رهي

يا وري:
رسڻ پرچڻ حياتيءَ جو حصو آ
روئڻ مرڪڻ حياتيءَ جو حصو آ

پڪو درد سان وئي جَڙي زندگي
سدا سُور ساڙيس سڙي زندگي

سنتوش کان ازيت تائين زندگي آهي، سڪون ۽ بي سڪوني به زندگيءَ جو حصو آهي، ڇو جو جستجو ئي زندگي آهي ۽ زندگي ڪڏهن به آشا کان خالي ناهي رهندي. منهنجي مٺي شاعري به منهنجي زندگيءَ جي پيڙا ۽ پيار آهي، اگر ڪو پڇي ته ڇا لکندي آهيان، ڇو لکندي آهيان، ڇا لاءِ لکندي آهيان ته انهن جي سوالن جا جواب شايد مون وٽ به نه هجن. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪائي ذات ته آهي جيڪا شاعريءَ جي روپ ۾ منهنجي مٿان مهربان رهي آهي. شاعري منهنجي لاءِ ڏکن ۾ ڏڍ رهي آهي شاعري منهنجي ڪاڻ همدرد ۽ همسفر رهي آهي، انهن گهڙين ۾ جڏهن خدا کان سواءِ منهنجو ڪوئي ساڻي ناهي هوندو.
بهرحال زندگي گهڻو ڪجهه سيکاري پئي، زندگي هڪڙي ۽ هڪڙو ڀيرو ملندي آهي ۽ زندگيءَ کي خوبصورت طريقي سان گذارڻ ۾ زندگيءَ جو حقيقي مقصد ماڻي سگهجي ٿو. پنهنجي ڪاڻ جيئڻ جيترو سوکو آهي ايترو ئي مشڪل آهي ٻين جي لاءِ جيئڻ ۽ ڪنهن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهڻ، ٻئي کي روئندو ڏسي پاڻ روئڻ، ٻين جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهڻ زندگي آهي. منهنجي ذاتي زندگيءَ جو مشاهدو رهيو آهي چڱائيءَ جو بدلو چڱائي ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، سو چڱائي ڪري چڱائي وسارڻ ۾ ئي چڱائي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ چڱائي ڪندڙن کان مندائيءَ جي آشا رکان ٿي. ڀٽائي صاحب جي ڪيڏي نه سهڻي نصيحت آهي ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“. مگر مون زندگيءَ جي بيوسي هر پل پنهنجي ئي گهر ۾ ننڍڙي ڀائٽي دعا بتول جي معذوري ۾ ڏٺي آهي، ‘دعا’ جيڪا ستن سالن جي آهي ۽ ويڄن به وس ڪندي آخر ‘دعا’ لاءِ ‘دعا ڪرڻ’ جو رستو ئي ٻڌايو. ڄڻ طبيبن جون دوا ۽ دارون ‘دعا’ جي سُور آڏو سڀ ڦڪيون بيوس بڻيون بيٺيون رهيون. مون کي اهو احساس بي سڪون ڪندو آهي ته ڪڏهن خدا پاڪ صحت عطا ڪندو منهنجي دعا کي! ڇوته عورت ڪيڏي به بلندين تي هوندي آهي پوءِ به ويچاري عورت سڏبي آهي ۽ هن سماج ۾ ڌيءَ جو نالو ڏک رکجي ته غلط نه هوندو ۽ منهنجي شاعريءَ ۾ سواءِ ڏکن جي ٻي ڳالهه ناهي رهي ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪو زندگيءَ مون کي ڏنو، ها اُهو ئي لکيو آهي.
منهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي قدر ‘درد’ هوش محمد جو سهڪار رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ‘درد’ فون تي لوڪ گيت ٻڌائيندو آهي ته منهنجي نيڻن تي ننڊ جا خمار طاري ٿي ويندا آهن ۽ محسوس ٿيندو آهي ته ‘درد’ به هن ڏيهه جي ڏکن کان آجو نه آهي.
آئون پنهنجي شاعريءَ تي ڪائي راءِ نه ٿي ڏئي سگهان ڇو جو ڪوئي به انسان پنهنجي کوٽ ڏسي ناهي سگهندو، هر انسان پنهنجي پر ۾ پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو، جڏهن ته مڪمل ڪوئي به ناهي، پاڻ وڏائي ۽ خود ثنائي فنا آهي. آئون ته پاڻ کي مڪمل ڪڏهن ناهي سمجهيو ڇوته زندگي وقت کان سکندي رهي ٿي، زندگي وقت آڏو ڪجهه به ناهي.
منهنجو هي شاعريءَ جو ڪتاب ”دليون درسگاهون“ پڙهندڙن لاءِ امانت هوندو ته هو منهنجي شعرن تي نقاد جهڙي نظر رکي سهڻي راءِ ڏين ته جيئن آئون پنهنجي لکڻيءَ جي اصلاح ڪري سگهان.
آئون ٿورائتي آهيان درد هوش محمد (ڪولاب جيئل)، زبير سومرو (خيرپور)، ڀاءُ پنهل (لاڙڪاڻو) ۽ ڪنول پبليڪيشن قنبر جي سرواڻ ڀاءُ سعيد سومرو سميت، ڀاءُ رضوان گل جي، جنهن منهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل کي بهتر رنگ ڏنا. ۽ سائين اياز گل، سائين ادل سومري ۽ ڀاءُ آسي زميني جي به مهرباني، جن منهنجي شاعري تي ڪجهه سٽون لکيون، جيڪي منهنجي لاءِ حوصلو ثابت ٿيون ۽ پنهنجي استاد ‘درد’ هوش محمد جي فڪري گرو محترمه ج.ع. منگھاڻي جن جي، جن جي تخليق ‘درد’ مون تائين پڄائي مون کي لکڻ لاءِ اتساهه ڀريو. ان کان علاوه فنڪار استاد عبدالغفور سومرو، صادق فقير، خاص طور سڄڻ سنڌي، سليم رضا ڪنڀر جا به ٿورا، جيڪي منهنجي شاعري کي سريلي آواز ۾ ڳائيندا رهن ٿا. جن ڀائرن مون کي ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ اتساهيو، تن ۾ ڀيڻ ناياب سرڪش سنڌي، ڀاءُ عزيز قاسماڻي، عزيز منگي، عزيز لغاري، ممتاز جويو، ستار هُليو، علي صفدر، رجب ٻگھيو، فرهاد جروار، آصف ابڙو، صاحب خان بلوچ، سعيد سائل، ارشد عباسي سميت سڀني جي مهرباني. پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ٻه سهيليون جيڪي ڏک سک ۾ سلهاڙيل رهن ٿيون، ڀيڻ فردوس ميمڻ ۽ ڀيڻ فرزانه ميمڻ سان گڏ، برڪت بلوچ استاد منظور ابڙو، استاد حميد ابڙو، ڪامل شاهه، علي احمد ابڙو، سخي سرور ابڙو، اصغر تبسم، انور سانول، الطاف راجه، رشيد عباسي، ايف ايم ريڊيو (خيرپور) زاهد راڄپر جن جي، جن مون سان شاعريءَ جي هن سفر ۾ ساٿ ڏنو ۽ سنڌي ادب ۾ ‘عائشه ميمڻ’ جي نالي کي متعارف ڪرايو.
شال سنڌ سلامت رهي!



عائشه ميمڻ
ميمڻ محلا - نوشهروفيروز
11-06-2013