آهي وڻ وڻ بهار ۾ سائو، آهي وڻ وڻ بهار ۾ سائو، دل جو گلشن آ پيار ۾ سائو. وقت جي ڪا تتي نٿي ساڙي، جو به آ تو نهار ۾ سائو. دل ۾ ڪنهن آس جو ڦٽل ٻوٽو، آ سدا انتظار ۾ سائو. دل جو گلشن هي هميشه ”عائشه“ سار تنهنجي سنڀار ۾ سائو. **