ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،
اسان خير آ جي، ڏکي ٿا وڃون!
اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،
اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃون!
جتي قرب ڪوٺيو، اسان کي اتي،
سچي يار هڪ دم، ڊڪي ٿا وڃون!
جڏهن بي رخيءَ مان، اسان ڏي ڏسو،
ته بيساهه ٿي ڄڻ سڪي ٿا وڃون!
ڀلي سُور مرڪي، اسان کي ڏيو،
نه ٿي رنج راڻا، لڇي ٿا وڃون.
اوهانجي اکين جون نهارون تکيون،
وڏي شوق سان من، ڪسي ٿا وڃون!
سدا ‘‘عائشه’’ ياد، رهندا سڄڻ،
متان ايئن ڀانيو، رسي ٿا وڃون!
**