توسان منهنجو، نباهه شاهد آ،
ناهي ڪوئي، الله شاهد آ.
نانوَ تنهنجي جو ورد آهي ڪيو،
بت منهنجي ۾ ساهه شاهد آ.
عشق - درياءَ ۾، لٿا عاشق.
سُرَ سُهڻيءَ ۾، شاهه شاهد آ.
ساڙُ دل جي نه ڪعبي ۾ ايندو،
ٿو وسي يار، چاهه شاهد آ.
سنڌ جو آ سنڌو، سڄو سارو،
پاڻ پنهنجو درياهه شاهد آ.
تو سواءِ ڪو نه ٻيو سڄڻ منهنجو،
تو تي منهنجو، ويساهه شاهد آ.
‘‘عائشه’’ ۾ ڏسو بچو ڇاهي؟
حال ان جو، تباهه شاهد آ!
**