مشڪلاتن ۾ ڀي، اچي ڏسجي، مشڪلاتن ۾ ڀي، اچي ڏسجي، عشق آڙاهه ۾ پچي ڏسجي! نينهن نروار جو ڪيو ناحق، ڇير پيرين ٻڌي نچي ڏسجي! موهه ئي موهه بس، رهي دل سان، ڇو نه ان رنگ ۾ رچي ڏسجي! ‘عائشه’ خيال ۾، هي گڏ آهي، دل چوي ٿي سڄڻ سچي ڏسجي! **