پاڻ نه، پنهنجون ڳالهيون رهنديون،
اکڙيون ڪنهنجون، آليون رهنديون.
پنهنجي محبت جون، ٿي شاهد،
ڳوٺ جون ساڳيون، ٽاليون رهنديون.
ڪيسين هي، ڏهڪاءَ ڪراچي!
ڪيسين رت جون ناليون رهنديون؟!
جيسين پنهنجا شعر هي رهندا،
تيسين پيار جون پياليون رهنديون.
تيسين زرد نه، چهرا ٿيندا،
جيسين لبڙن لاليون رهنديون.
‘‘عائشه’’ ڪير مڃائي تن کي؟
اکڙيون تيرهن تاليون رهنديون!
**