سارون، سڏڪا ٿي ويا، سارون، سڏڪا ٿي ويا، اُلڪا، اُڌما ٿي ويا. بجلي هن جو روپ هو، چمڪا چمڪا ٿي ويا. مرڪي مرڪي نيڻ هي، برکا برکا ٿي ويا. پيارا پنهنجي پيار جا، چوڏس چرچا ٿي ويا. نازڪ ناتا ‘‘عائشه’’، پنهنجا پختا ٿي ويا. **