ڇوڪري! ڇا ڏٺو ٿئي گوري ۾؟
ٿي رهين گمّ غرق ڇوري ۾!
نينهن ناتو، نفيس آ ٿيندو،
نيڻ هن وسندا، ٿوري ٿوري ۾.
بات منهنجي زهر، لڳي هوندئي،
آهي تڪليف سچ ۽ سوري ۾.
او ڪراچي! قهرُ نه ٿو سُهجئي،
ٿا ملن لاش روز ٻوري ۾!
‘‘عائشه’’ جا قدم، جتي به وسن،
ٿو رهي هن جو، ساهه ‘موري’ ۾.
* *