پير نه پنهنجا، پيرا رهندا،
تو وٽ سنڌ، سويرا رهندا.
ٿيندو ڪئن، آباد امن، جو-
ماڻـﮬـو ٿي، من - ميرا رهندا.
پيار پکي، جي ماريا ويندا،
خالي ٿي، آکيرا رهندا.
نيٺ مري تون، ويندين ماري!
پيار - ذڪر ۾ ڳيرا رهندا.
جيسين دل ۾، آشا رهندي،
تيسين دردن - ديرا رهندا.
سنڌ نه ڇڏجو سنڌي آهيو،
هوليون ۽ ست ڦيرا رهندا.
‘‘عائشه’’ ڌرتيءَ لاءِ وڙهن جي،
سي ٿي مرد مٿيرا رهندا.
**