شاعري

ازل کان پاڻ آوارا

هي ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ نامياري شاعر ستار سُندر جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 6262
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ستار سُندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ازل کان پاڻ آوارا

مهاڳ جي نالي ۾

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي اڀياس مان هڪ اهم ڄاڻ، جيڪا مون لاءِ ڪنهن حد تائين مايوس ڪندڙ رهي آهي، اها ائين سولي نموني اظهار ڪري سگهجي ، ته ان ۾ ايتري حد تائين پاس خاطري موجود آهي، جو ان مان جيڪڏهن اها پاس خاطري ڪڍي وڃي ته لڳ ڀڳ سنڌي شاعريءَ بابت هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صفحا به اڀياس لاءِ نه بچي سگهندا، جن کي پاس خاطريءَ کان سواءِ لکيل ڄاتو وڃي، ائين سنڌي شاعريءَ جو اڀياس لکڻ لاءِ اسان جي ٽهيءَ مان ڪنهن دوست کي وقت ڪڍڻ گهرجي، اهڙو وقت نه ڪڍي سگهڻ جي ڪري سنڌي شاعريءَ سان جيڪا لاتعلقي رهي آهي يا چوڻ گهرجي ته ان ڏانهن جوڳو ڌيان نه ڏيئڻ ڪري، هڪ ته اسانجي ٽهي فصيلو نه ڪري سگهي آهي ته سنڌي شاعريءَ جو سفر ڪهڙي رُخ ۾ وڃي رهيو آهي ۽ ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته هر لکندڙ جنهن به حوالي ۾ سنڌي شاعري بابت جيڪو ۽ جنهن به طرح ڪجهه لکيو آهي ته ان پاس خاطريءَ کان سواءِ نج تخليقي سطح تي پنهنجي ٽهيءَ مان ڪوٽيبل تخلقيڪارن جي بجاءِ، دوستن جي فهرست ڊگهي ڪرڻ طرف پنهنجون تخيلقي صلاحيتون استعمال ڪيون آهن، جنهن ڪري سچ پچ ڪوٽيبل تخليقڪار ڪوٽ ٿيڻ کان رهجي ويل آهن ۽ جيڪي مسلسل ڪوٽ ڪيا ويا آهن اهي ان حد تائين ڪوٽ ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ جهڙا گهٽ هُئا ۽ ائين ڪيترائي نج تخليقڪار گهڻو پوئتي هليا ويا ۽ جن کي پوئتي هجڻ گهربو هئو اهي پهرئين صف ۾ اچي بيٺا آهن دراصل جن کي آخري صف ۾ بيهڻ گهربوهئو.
جڏهن سياسي/ ادبي/ شخصي پاس خاطري لکڻ وقت اڳيان اچي ٿي تڏهن ادب ۾ بي ادبي شامل ٿئي ٿي ۽ اڄ تائين ان بي ادبيءَ جي فهرست نج ادب کان وڌيڪ صفحن تي ڦهلجي ويل نه رڳو نظر اچي رهي آهي پر زور ڏيئي ٻڌايو ۽ قبول به ائين ڪرايو پيو وڃي، جنهن ڪري اسانجو نوجوان لکندڙ ان سموري عمل کي ئي سچ سمجهي، هڪ اهڙو ڀرم پالي ويٺو آهي، جيڪو کيس مسلسل هڪ اعليٰ تخليق سرجڻ کان پري ڪري هڪ طرف رهيو آهي ته ٻئي پاسي ٽئين درجي جي تخليق سرجڻ بابت کيس اهو گمان ڪرائي رهيو آهي ته اها نج تخليق آهي. جنهن ڪري هُن مان محنت جو جذبو گهٽجي رهيو آهي ۽ اهو گهٽتاءُ هُن جي تخليق کي سطحي پڻي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي ان سرگرميءَ اڄ جي نوجوان تخليقڪار کي سنجيدگيءَ سان لکڻ پڙهڻ ۽ ويچارڻ کان وانجهي رکيو آهي، جيڪو اسانجي سموري سنڌي ادب جي الميئي سان گڏ اسان جي سنڌي نئين شاعريءَ جو الميو وڌيڪ آهي. ان المياتي هيٺائينءَ ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي تخليقي عمل کي بچائي رکندڙ بنهه ٿورڙن نوجوانن مان هڪ اسانجو دوست ستار سُندر به آهي جنهن لاءِ جيڪڏهن مونکي مهاڳ / امهاڳ / مهاڳ جي نالي ۾ ڪجهه تعارف طور لکڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ته هوندا ئين چوان ته هو اڄ جي نوجوانن ۾ اهڙو جوان آهي جنهن هن مهم جوئيءَ واري ماحول ۾ سچ پچ پنهنجي اندر جي معصوم شاعر کي بچائي رکيو آهي. ان جو ننڍڙو شخصي حوالو، اڻ ڳيڻن ڪچهرين ۽ گهڻو وقت ويجهو رهڻ جي سچ کانپوءِ منهنجي زبان / قلم مان شايد ائين نڪري ته انهن سڀني ڪچهرين ۽ گهاريل وقت ۾ جنهن ۾ ساڻ ساڻ رهيو آهي، سوين شعر هُن پنهنجي حافظي مان ٻڌايا هوندا پر انهن ۾ سندس ڪوبه شعر موجود نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هُن کي زوريءَ پاڻ ٻڌائڻ / مڃرائڻ / قبولرائڻ / محسوس ڪرائڻ ۽ خود ثنائيءَ جي بيماريءَ / شوق اڃا ايترو بيچين نه ڪيو آهي، جو هو هر وقت پنهنجي شعر جي نماءَ لاءِ هڪيو تڪيو حاضر هجي.
شاعر هجڻ جي ناتي هُن جي اندر جي پُر اعتماديءَ اڄ هُن کي ڪنهن به پاس خاطري مُهم جو ئي ءَ ۽ نماءَ کان سواءِ تخليقي سفر ۾ اهڙي شروعاتي ڏاڪي تي آڻي بيهاريو آهي جنهن جا ايندڙ سڀ ڏاڪا مٿاهينئن ڏانهن وڃي رهيا آهن. هُن پنهنجي تخليقي سفر جي ويهارو سالن ۾ پنهنجي لاءِ اعتماد اڳواٽ ڏياريو آهي ۽ ثابت پڻ ڪيو آهي، ته هن جي سفر جا ڏاڪا تخليق جي ان مٿاهين ڏانهن ويندا يا کيس وٺي ويندا، جيڪا هڪ تخليڪار لاءِ هوندي آهي. اهڙو اعتماد جنهن جي مان پاس خاطري ڪري رهيو آهيان، ستار جو ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ ڇپجي جڏهن پڙهندڙن وٽ پهچي ويندو، اهو پاڻ ڏيندو ۽ جن سندس پهريون ڪتاب ”رنگ پنهنجي پيار جا“ پڙهيو آهي. اهي هيءُ سندس نئون ڪتاب پڙهي، ضرور اندازو لڳائي سگهندا ۽ اعتماد ڪندا ته ستار سندر هن سفر ۾ جيڪي قدم اڳتي کنيا آهن اهي اڳتي ئي وڃڻا آهن، ڇو ته سندس سفر جي شروعات اهو ٻڌائي ٿي، مثال ڏيڻ جي ضرورت آهي ته پوءِ سندس پهرئين ڪتاب کان وٺي سندس هن نئين ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ تائين سندس وچ ۾ ڪيل ڏهاڪي سالن جو سفر ۽ ان ۾ هُن جو تخليقي عمل، جيڪو ڳڻپ ۾ گهٽ آهي پر حوالي لاءِ نهايت گهڻو آهي، ڇو ته هن ڳڻپ کي نظر انداز ڪري، تخليق ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ۽ اهو عمل ئي سندس اهم نوجوان ڪوٽيبل تخليق ڪار جي ضمانت بڻجڻو آهي اهڙي پڪ آهي.
منهنجي ويچار ۽ ستار جي تخليقي عمل سان نه سهمت ٿيندڙ اڀياسيءَ لاءِ شايد پاڻ تي جبر ڪري مان ڪجهه مثال ڏيڻا چاهيان، جيتوڻيڪ ستار جي شاعريءَ مان، مان ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته ستار جي تخليقي شاعري پاڻ پنهنجي اڀياسيءَ لاءِ مثال بڻجندي، جڏهن هو ڪنهن به تخليق کي فقط ۽ فقط تخليق ڪري پڙهندو ۽ جڏهن هو ان تخليق ۾ پنهنجي نظرياتي منشا تلاش ڪندو ته کيس مايوسي ٿيندي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نج تخليقڪار لاءِ اها منشا پوري ڪرڻ ممڪن نه آهي. شايد اهي پڙهندڙ به مايوس ٿين، جيڪي جلسي ۾ شعر ٻڌي اکيون ۽ ڪن بند ڪري تاڙيون وڄائڻ جو شوق ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ جڏهن گهر موٽندا آهن ته شاعري تي تبصرو ڪندا آهن. ستار جي شاعري اهڙن تبصرن جي بار سهڻ کان گهڻو پري آهي يا چوڻ گهرجي ته ستار جي شاعريءَ جي سطح جلسي کان مٿي آهي، جيتوڻيڪ هڪ ٻاهرئين شخص طور ستار اڃا به نعرا هڻڻ ۽ جلسا ڏسڻ ۽ انهن ۾ شوق سان شريڪ ٿيڻ ۾ خوش ٿيندو آهي پر مونکي ائين چوندي خوشي ٿي ٿئي ته ستار پنهنجي اندر جي تخليقڪار کي بنهه الڳ رکيو آهي ۽ اهائي ڳالهه سندس اڄ جي تاريخ ۾ هڪ اهم تخليقڪار جي سڃاڻپ ڏئي ٿي جيڪا سندس همعمر ۽ همعصر لکندڙن ۾ گهڻي حد تائين اڻ لڀ آهي ڪا به اسٽيج ستار جي شاعري لاءِ ممڪن آهي ته تخليقي طور رڪاوٽ بڻجي.
ان ڪري هو پنهنجي شاعريءَ کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري، ڄڻ ان جي تخليقي، دائميت، حسن ۽ اڏام کي اسٽيج جي دز کان بچائي رکڻ ٿو چاهي ته ساڳئي وقت ان کي سامهون ويهي، تاڙيون وڄائي، شاعريءَ جي فتوا ڏيندڙ نقاد کان به پاڻ کي الڳ ڪري بيهاري ٿو. هُن جي اها سڃاڻپ منهنجي لاءِ اهميت واري آهي ۽ ضمانت به آهي ته سندس شاعري وهنواري تبصري نگاريءَ کان بچي پوندي ۽ اها پنهنجي دور جي سنجيده سوچيندڙن ۽ پڙهندڙن تائين رستو پاڻ جوڙي وٺڻ جي سگهه سلامت رکندي، جيڪا سالن ۽ صدين جي عرصي تي جرڪندي نظر ايندي. مثال طور ڪجهه سٽون جيڪي نه ڏجن تڏهن به مثال پاڻ جوڙي وٺنديون پوءِ به رسم نڀائڻ لاءِ اهي اوس ڏيڻيون پون ٿيون.

جي ٿڙي ڪاٿي ڪِري پئون،
ڀاڪرن ۾ پيار! کڻجان.
هار جي تون آجيان لئه،
ڪجهه هٿن ۾ هار کڻجان.
---
توکي ماڻي سگهيس نه جيون ۾،
تو اڳيان دوست! شرمساري آ.
---
درد جي مينهن سان نه ٿي آلي،
عشق! تنهنجي مٽي اڃاري آ.
---
آس جنهن کي ڇُهڻ جي هُجي روح ۾،
جيڪڏهن سو گگن ٿي پوي ڇا ڪجي!
---
سفر ۾ روح سيلاني، رهيو آ ڀٽڪندو تنها،
اڌورا ساٿ ها سارا، اسانجو پنڌ اڳتي آ.
---
محبت جي گسن تي، ڪيستائين ڇانوَ آڇيندا؟
سکيءَ جا وار هي ڪارا، اسانجا پنڌ اڳتي آ.
---
چوٽ لڳڻ سان ٽُٽدو يارو.
جيون ٿانءُ مٽيءُ جو سارو.
---
خالي گهر ۾ تنها سوچون،
ٻرندڙ ڏيئو روشن جارو.
---
وڌيڪ مثالن جي بار کان کين بچائيندي مان پڙهندڙن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ به چاهيندس ته ستار، ويچار کي پنهنجي تخليق ۾ ان فنڪاراڻا انداز سان آندو آهي جو تخليق پڙهي پڄاڻيءَ کانپوءِ پڙهندڙ ڪنهن به طرح ويچارڻ کان رهي نٿو سگهي. ڪيئي سٽون ستار جون ويچار جي سطح کي گهڻو گهڻو مٿي کڻي وڃڻ جي سگهه رکن ٿيون. شايد هُو اهو ويچار پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي پنهنجي سهوليت خاطر ظاهر ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو جڏهن هن کي چوڻو پيو آهي ته،

ڪائناتون مون ۾ سمايل هن،
جڳ ! تنهنجو جواز آهيان مان.

۽ جڳ جو جواز پاڻ کي ڄاڻائڻ، ڪنهن به نج تخليقڪار جو آتم وشواس آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ هو حالتن جي ڪنهن به طاقتور راڪاس سان وڙهي سگهندو آهي، جئين ستار جو ٻاهريون ويچارڪ شخص، ديس جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس اندر جو تخليقڪار شخص آتم جي وشواس کي بچائڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو وڙهڻ هڪ انقلابي ۽ ناستڪ کان وڌيڪ هڪ صوفيءَ وارو آهي، جيڪو وري ستار جي طبعي عمر واري شخص جي بنهه ابتڙ آهي.
شايد گهڻن شخصن جو ميڙ آهي ستار جو اندريون شخص. جنهن شخص درد جي پکيءَ کي پنهنجي اندر ۾ پالي وڏو ڪيو آهي ۽ جيڪو پکي سنساري طور ستار جي آسودگيءَ جي ڀوءَ کان ڊنل به آهي ته به هو ان سان سمجهو ته به ڪرڻ گهري ٿو.

درد پکيءَ جيئن پاليو آهي،
مون هن دل جي آکيري ۾.

پر هي سڀ سمجهوتا سنساري آهن ، ستار جي من جا مامرا ٻيا آهن جيڪي هو فقط پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري سگهي ٿو. يقينن ائين سمجهڻ گهرجي ته مروج سنسار سان سمجهوتا جيڪي ماڻهو نه ڪري سگهندا آهن، اهي يا ته پيغمبر هوندا آهن يا شاعر!! ڪائنات ۾ ٻيا ڪي به اهڙا ماڻهو ممڪن نه آهن.
ستار جيڪڏهن پنهنجي منصب (جيڪو شاعراڻو آهي) سان نڀايو ته سچ پچ اها هن جي زندگيءَ جي عظيم حاصلات هوندي ۽ سڀاڻي تائين هن جي ان ماڳ تي پهچڻ کان اڳ، اڄ سندس انهيءَ حاصلات جا عڪس سندس هن ڪتاب جي جلد جي وچ ۾ آيل شاعريءَ جي سٽن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي سڀاڻ جي ضمانت ڏين ٿا. ٻئيءَ طرح سڀاڻي اهو مستقبل آهي، جنهن ۾ اڄ جي غير معمولي ۽ غير مروج شاعري پنهنجي سموري تخليقي سونهن ۽ سوڀيا سميت نکري بيهندي. سونهن جيڪا سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي سونهن آهي، جنهن ۾ ستار ڄائو آهي، نپنو آهي، پڙهيو آهي، عشق ڪيو اٿائين ۽ ان جي رد عمل ۾ شاعر بڻيو آهي ۽ پنهنجي شاعري ۾ اها سموري سونهن اوتي اٿائين، جيڪا سندس زندگيءَ جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي، جنهن ۾ هو اڄ جئي رهيو آهي. ان ڳالهه لاءِ به جيڪڏهن مثال ڏيڻ ضروري آهن ته اهي هئين ڏئي سگهبا.

پنن جي هيءَ ڇڻ ڇڻ، هوا جو آ سرگم،
اها مينهن ڪڻ ڪڻُ، خُدا جو آ سرگم.
---
ٻڌائين ٿا هيءُ، لڙي روز پاڇا،
هتي هر حياتي، فنا جو آ سرگم
---
دَردُ هُن جو روحَ منهنجي کي سدا،
ٿُڙ تي سارين جان سٽيندو ٿو رهي.
---
هر طرف هي ڪنهن جو، آخر هڳاءُ آهي
خوشبو نماءُ ٿي ويو، سارو سماءُ آهي،
---

خاموش هن شهر ۾، هي شعر تنهنجو ”سندر“،
گونجي ائين اٿيو آ، ڄڻ ڪو پڙاءُ آهي.
---
گل پوپٽ ڇڏي آيا تو ڏي،
اهڙي خوشبو هُئي، تنهنجي سڳيءَ ۾.
---
بادلن مان ڇڄي آيون بوندون،
واس اهڙو هيو ڪو مٽيءَ ۾.
---
تنهنجي ساڙهيءَ جا رنگ اڏريا پئي،
مون ڏٺو خواب آسمانيءَ ۾.
---
اڄ به سُرخي خطن ۾ آ تازي،
چپ تنهنجا ٺهيل نشانيءَ ۾.
---
مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين،
وقت ڪيڏو نه بي وڙو آهين.
---
زندگيءَ جي ٻڌل ڳلي ۾ تون،
درد! پيو ٿو وڄين، چڙو آهين!
---
منهنجي چپڙن تي ڏس پوپٽ اُڏرن ٿا،
چُميون مون ته گلاب آ تنهنجي نيڻ جو.
---
ڇا ته سندر لڳيون آسماني،
مون کي تنهنجو اکيون آسماني.
---
موسمن جا مٽيا ويس ڌرتيءَ،
جيئن هوائون گهليون آسماني.
---
خوابن جون دريون کليون واڱڻائي،
سڄي ننڊ ٿي وئي ڦليون واڱڻائي.
---
عجب رنگ ڪيڏا وڇوڙي جا آهن،
ڪئي يادگيريون ڦٽيون واڱڻائي.
---
۽ ان ٻاهرين منظرن جي ٻاهرين اظهاريل سونهن کانپوءِ، ستار جا ڪجهه اهي شهر به شايد پنهنجي لاءِ مثال جي اوسيئڙي ۾ رهڻ چاهيندا هجن، جيڪي وري اندر جي يا چوڻ گهرجي ته انسان جي روح / دل جا منظر آهن، جن کي پڻ ستار ڏاڍي خوبصورتيءَ سان پنهنجو علهدو اظهار ڏنو آهي گمان ائين ٿو ٿئي ته ستار جي همعصرن ۽ همعمر لکندڙن شايد ئي اهڙو اظهار/ تخليقي اظهار پنهنجين سٽن ۾ آندو هُجي. / ڏنو هجي.
آئون تو لئه اڃا منظر،
نيٺ ڪيسين رهان منتظر.
---
اُڃ منهنجي نه پوري ٿئي،
تو سان گڏ ڀي هُجان منتظر.
---
ذائقو تنهنجي وڇوڙي جو عجب،
دل رُڳو تنهنجي چکي ناراضگي.
---
زندگيءَ ڀر پو به هئاسين همسفر،
پاڻ ۾ توڙي هُئي ناراضگي.
---
ڪائناتون آ پنهنجي اندر ۾،
ڪير چئي ٿو فرارُ، خاموشي.
---
روز عالم نوان نوان پايان،
وار تي آهي وارُ خاموشي.
---
آئون تون ۾ ۽ مون ۾ آهين تون!
هاڻ ڪو فاصلو رهيو ناهي،
---
درد توسان نڀائجي ها مگر،
دل کي پر حوصلو رهيو ناهي.
---
اسان جو ڏسي خالي دامن ڏکارو،
پنن جيئن اُڀ مان ڇڻي رات آئي.
---
مثالن جي فهرست کي ڊگهي ڪرڻ کان پاسرو ٿي مان ستار جي شاعريءَ جي ڪجهه ٻين حوالن ڏانهن به اچڻ چاهيان ٿو، جيڪي حوالا پڻ فقط ستار لاءِ ئي ڏيئي سگهجن ٿا.
اڄ جي تاريخ تائين ستار کي شايد ڏسڻ سان، ڏسندڙ اهو گمان نه آڻي سگهي ته ڪو ڀوڳنا جو پاڇو به ستار سان گڏ گڏ هلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ٻاهران ٻاهران رڳو بخشل باغيءَ کي ساڻس گڏ گڏ هلندي ڏٺو آهي. هن جي ويجهو رهندڙ دوست ۽ هاڻي سندس گهڻا پڙهندڙ ۽ پري رهندڙ ۽ فقط ڪتاب پڙهندڙ اهو ڄاڻي سگهندا ته شاعري هڪ ڊگهي پيڙا جو لاڳيتو سفر آهي، ان جو سنساري آسودگيءَ سان پري جو به لاڳاپو نه آهي ان ڳالهه جو اهي ذهين پڙهندڙ ضرور اندازو لڳائي سگهندا. جن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور کي ڌيان پڙهيو آهي ۽ ان جي شاعريءَ ۾ آيل هُن مالي طور آسودي شخص جي دلي نا آسودگيءَ کي پروڙيو آهي، ڇاڪاڻ ته دلي نا آسودگي ئي سنساري شخص کي عظيم تخليقڪار بڻائي سگهندي آهي. هڪ حوالو جڳ پر سڌ ناول نگار ليئو ٽالسٽاءِ جو به کڻي سگهجي ٿو. نئين ٽهي ۾ هڪ حوالو ستار سندر جي نالي جو آهي، جيڪو شاعر لڳندو نه آهي پر هو شاعر آهي ۽ اهو سندس اندر وارو شخص ٻيو آهي، جيڪو هن جي ٻاهرئين سخت مزاج رکندڙ شخص جي ابتڙ آهي، جنهن هيءُ خوبصورت شعر لکيا آهن.
لوڪ پڄي ويو ماڳ تي،
مون کي ٿي وئي دير.
آئون اڃا ڀي پنڌ ۾.
---
سورن اڀري سٽ.
درد پنن جيئن پيا ڇڻي.
مُند خزان جي آ لٿي،
پيلا ٿي ويا پٽ.
درد پنن جيئن پيا ڇڻي.
---
گهر جي آ ڳر تي،
پوڙهو هڪڙو وڻ.
ڇڏي آخر ويو هليو.
پٺيان پنهنجيءَ راهه ۾،
واري جو واهڻ.
ڇڏي آخر ويو هليو.
---
چي پيو ٿو ٿر.
آئون صدين جو ٿڪ هان.
منهنجي من ۾ ٿي ٻري،
اڻ تڻ جي ڪا ڄر.
آئون صدين جو ٿڪ هان.
---
سارو لوڪ سُتو،
آئون اڃا جاڳان پيو.
نيٺ ته ملنديئن راهه ۾،
بڻجي ٽانڊاڻو.
آئون اڃا جاڳا پيو.
---
درد نه پوڙهو ٿيو،
دنيا پوڙهي ٿي وئي.
جُڳن کان آ ساڳيو،
وقت نه پوڙهو ٿيو.
دنيا پوڙهي ٿي وئي.
---
مون ائين ڀانئيو آهي يا ڀايان ٿو ته وائي سنڌي شاعري جي اهڙي صنف آهي، جيڪا ڀلي نج سنڌي هجي پرٻين کان وڌيڪ صنفي طور ڏکي ڀاسندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي وراڻي ءَ سان نڀاءُ ۽ مٿين سٽ جو وراڻي سان لاڳاپو انتهائي ڏکيو مرحلو هوندو آهي پر سچ پچ ستار نه رڳو ان فني گهرج جو لاجواب پوراءُ ڪيو آهي پر وائي ۾ پنهنجي ڪيفتن سان گڏ سڄي سنڌ جي ڏک کي جنهن فني ڪمال سان اظهار ڏنو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ اڄ لکيو ويندڙ شاعراڻي ادب کي ستار جي دين آهي ۽ اها دين هُن جي پاران سنڌي شاعريءَ لاءِ اهڙا خوشبوئدار گل آهن، جن جي خوشبوءِ سنڌي ايندڙ شاعريءَ کي صدين تائين پنهنجو تازو توانو واس ڏيندي رهندي.
سچ ته اهو آهي ته ستار جون وايون پڙهي مان پنهنجي اڻ سمجهي تي پريشان آهيان ته اها اڳٿي سنڌي شاعريءَ ۾ منهنجي پاران ڇو نه ٿي ته اڳتي هلي ستار سنڌي شاعري کي اهڙيون وايون ڏيندو، جيڪي صرف سندس نالي سان ڪنهن به اڀياس ۾ ذڪر هيٺ اچي سگهنديون. گهٽ ۾ گهٽ سندس همعصرن ۾ مونکي اهڙي سٺي وائي لکڻ جي اميد گهٽ آهي.
مان اهو به ڄاڻان ٿو ته مايوسي ڪفر آهي پر اڄ جنهن تيزيءَ سان فقط پنهنجي نالي سان گڏ ڪجهه وڌيڪ سٽون ڇپيل ڏسڻ جو شوق وڌي رهيو آهي، جو هڪ اڻ لکو ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته اڳتي هلي شاعريءَ جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا ڇپيل اسانکي ڏسڻ لاءِ ملي ۽ اهوسڀ اسان کي پڙهڻ لاءِ پابند به بڻايو وڃي.

ڌڻي ان ڏينهن کان اسان کي پناهه ۾ رکجانءِ !

۽ جيڪڏهن ڌڻيءَ ائين ڪيو ته منهنجو يقين ائين چوندو ته ان دعا اگهامڻ ۾ ستار جي واين جو وڏو عمل دخل شامل هوندو ۽ ان مثال لاءِ ڪنهن وقت ۽ ڪنهن به هنڌ هيءَ ڪتاب پيش ڪري سگهبو، جنهن جي ٽائيٽل تي لکيل هوندو ”ازل کان پاڻ آوارا“
فني حوالي ۾ جيڪا ٻي / ٽي/ چوٿين يا پنجين يا ان کان اڳئين نمبر واري اهم ترين ڳالهه، ستار جي شاعريءَ ۾ مونکي موهڻ جو سبب بڻي آهي ۽ جنهن سچ پچ مونکي هيءَ ڪجهه لکڻ لاءِ اڻ ميو اتساهه بخشو، اهي آهن ستار جي غزلن ۾ استعمال ڪيل هُن جا قافعا ۽ ان کان وڌيڪ تازگيءَ ۽ احساس سان ڀريل رديف!
ڪنهن به بيان جاري ڪرڻ کانسواءِ ۽ يقين ڪامل سان مان چوڻ چاهيندس ته ستار جي غزلن جا قافعا، انهن جا رديف ۽ انهن سان نڀاءُ، ستار کي پنهنجي ٽهيءَ ۾ نهايت نهايت اهم ڪري بيهاريندو. هتي ڪجهه مثالن ڏيڻ کان پاڻ کي نه روڪي سگهندي، هيٺ ڪجهه سٽون انهيءَ لاءِ ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيئن اسانجا پڙهندڙ انهن جي حسنا ڪيءَ جو احساس ماڻي سگهن.
ازل کان پاڻ آوارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.
-
ڪيڏو نرمل آب آ تنهنجي نيڻن ۾.
-
رنگ ڪيڏا عجب زندگي جا،
درد نيرو، خوشيون آسماني.
-
ٿيون چپن تي اڃا ڀرن سُڏڪا،
تو ڏنيون جي چميون نشانيءَ ۾.
-
هر آئينو تو ساڻ مخاطب ٿيو هُئو،
تڏهين به پنهنجو چهرو سڃاڻي نه سگهيئن تو.
-
سُتل پاڻ خاموش هئاسين پڌر تي،
ستارن پئي ڳالهيون سليون واڱڻائي.
-
ننڊ جي ريشمي راهه تي،
خواب جگنوءَ جيان منتظر.
-
ايتري ناهي چڱي ناراضگي،
ڇو ڀلا ايڏي ڊگهي ناراضگي.
-
ياد ٿڌڙي گُهلي ڊسمبر ۾،
آڳ دل کي لڳي ڊسمبر ۾.
-
اسانجو پنڌ اڳتي آ،
-
آ تنهنجي نيڻن ۾،
۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ننڍڙا خوبصورت رديف، ستار جي غزل جي سونهن آهن جيڪا سونهن فني طور شاعريءَ، خاص ڪري غزل جي شاعريءَ کي وڌيڪ حسين بڻائيندي آهي
کڻجان،
آسماني،
نشانيءَ ۾،
نه سگهيئن تون،
واڱڻائي،
منتظر،
ناراضگي،
ڊسمبر ۾،
اهڙا رديف آهن، جن ستار جي غزلن کي هڪ نجو اظهار جو اعتماد بخشو آهي.
نيڪ خواهش آهي ته ستار جو اهو اعتماد ڪنهن به تنقيدي ”دٻاءُ “ کي نه قبوليندو ۽ هو هر تنقيد جي صحتمند پهلوءَ کي پنهنجو ڪندو ۽ ان مان پرائيندو، ڇاڪاڻ ته اڃا سندس سفر جي شروعات آهي، پنڌ گهڻو آهي ۽ سفر گهڻو ئي سکاريندو آهي ۽ اعتماد ڏيندو آهي.
هن ڪتاب ۾ خميمي طور ڪجهه ڏيڍ سٽا، هائيڪا ۽ چئه سٽا پڻ ڏنل آهن جيتوڻيڪ اهي صنفون هاڻ سنڌي شاعري ۾ گهڻي تعداد ۾ لکيون ويون آهن، تنهن هوندي به ستار جي اندر واري شخص جو درد ۽ ان جو اظهار ۽ انهن جو نج پڻو به ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي اظهار جي الڳ سڃاڻپ به ڏئي ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته اهي اظهار ستار جائي آهن، جن ۾ هو پاڻ موجود آهي. ائين جيئن هر نج تخلقيڪار پنهنجي تخليق ۾ موجود هوندو آهي ۽ اهو احساس ڏياريندو آهي ته سندس موجودگيءَ کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي، ڇا هيءُ سٽون منهنجي ڳالهه کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ مدد نه ڪنديون.؟

ڄڻ سُڃ لڳي پئي آ،
هي جندڙي ساري ڏِسُ، ڪا اُڃ لڳي پئي آ.
-
ڪا سار پُڳي آهي،
تو وار ڇڏيا ڇوڙي، هُٻڪار پُڳي آهي.
-
احساس پيو اُڏري،
ڄڻ نيري ”چُنري“ سان، آڪاس پيو اُڏري.
-
۽ ان سڀ کان پوءِ چوڻ لاءِ باقي ڇا ٿو رهجي وڃي، جنهن جي ستار جي هن ڪتاب کي ضرورت آهي. ها! اهو چوڻ ضرور گهرجي ته ستار کي پنهنجي سفر جي هيءَ ٻين خوشگوار اڳتي وڌايل وک مبارڪ هجي ۽ بس

رکيل مورائي
22 مارچ 2012ع
ڪراچي سنڌ