تون سڙيل گهر جي منظر نگاري نه ڪر.
باهه ڏئي پو مٿان برف باري نه ڪر.
ڪجهه ته دل جي مٿان مينهن ٿي برس تون،
رُڃ وانگر حياتي اُڃاري نه ڪر.
ديد نوڙت ۾ صُوفيءَ جيان تون جُهڪاءِ،
ظُلم دل ۾ ڀري دل شڪاري نه ڪر.
پَل گُهٽجي مري ٿا وڃن ڪيترا،
ايڏي شدت سان تون انتظاري نه ڪر.
داءَ تي هُن جي لئه سڀ لڳائي تون ڇڏ،
عشق ۾ ڪا به شيءَ تون پياري نه ڪر.
پنهنجون نرمل نِگاهون تون ڦيري پرين!
رائيگان عمر ”سُندر“ جي ساري نه ڪر.