معصوم شاعراڻي سڀاء جو مثال
ستار سُندر جي شاعريءَ جي جلندڙ شمع، اوجاڳن ۽ رولاڪين جي ڀرپور آڳ سان هميشه، روشن رهي ڪري، ڌيان جي پروانن کي پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيو آهي. هِن جي معصوم ڪويتا جي ڪاڪ، سندس خوابن جي اَڻ پورائيءَ جي خون سان ڪڪوريل پئي رهي آهي، اِهوئي سبب آهي جو هُن جي شاعراڻي دل سدائين درد جي دانهن کي سيني ۾ سانڍيندي رهي آهي، ۽ موٽ ۾ اُن دانهن جي سڏ جو پڙاڏو بڻجي روح جي بيابانن ۾ گونجندي رهي آهي.
ستار سُندر، شاعريءَ جي شوق واري جُنون کي نيٺ عشق جو گيڙو رنگ اوڍائي پنهنجي صوفياڻي دل کي صدائن جو هڪ اهڙو سلسلو ارپيو آهي، جنهن جي سنگ ۾ هو شاعريءَ جي گلابي چيچ پَڪڙي، ڪنهن آواره عاشق جيان پنهنجي مگن ۾ پئي رهيو آهي، اُن، سندَس من جي مڌهوش مستي ئي هُن جي شاعراڻي شعور ۽ ڪائنات کي سرمست ڪري، امن، پيار، سڄڻ ۽ ساڻيهه واري عالمگير ۽ آفاقي جذبن کي جوالا پئي بخشي آهي.
”رنگ پنهنجي پيار جا“ جي پهرين وِک کان پوءِ ”ازل کان پاڻ آوارا“ واري ٻئي قدم تائين وارو سُهاوڻو ۽ سُرمئي سفر اهڙين پُرڪيف، ڪيفيتن جي ڪمال جو نظارو آهي، جيڪو ستار سُندر جهڙي شاعر جي روح جي رنگين دريءَ مان لفظن جي نفيس پوپٽن ۽ خُماريل خوشبوئن جو سُندر روپ وٺي نروار ٿيو آهي. هؤن به عشق ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچندڙ پٿون پير، پنهون جي پار ڏانهن ويندي هميشه سَسيءَ جي سِڪ جي آبرو برقرار رکندي ڪڏهن به رڪبا ناهن. ”ازل کان پاڻ آوارا“ ستار سُندر جي معصوم شاعراڻي سَڀاءُ جو انوکو مثال آهي، جنهن جي تخليق جي اُڻت ڪندي ستار سُندر ڪائناتن جي منظرن کان ويندي ٽٽل دل جي درپن تائين جي سڀني احساسن کي پنهنجي پچندڙ پيڙا ۾ رڱي انڊلٺي رنگن جي هڪ مالها جوڙي آهي، جنهن ۾ جُڙيل هر هڪ موتيءَ جي جوت، سُهائي جي احساس سان روح ۾ لهي وڃي ٿي.
بخشل باغي