اڻ ڄاتل ڪن سُورن جي پيڙا آهيان.
توسان گڏ هوندي ڀي ڏس تنها آهيان.
سنڌوءَ وانگر نيڻئون تولئه روز وهان،
مان ڪنهن لهر جي ڀٽڪيل يار صدا آهيان.
روز ازل کان پنهنجيءَ ڳولا ۾ آهيان،
ڄاڻڻ چاهيان ٿو مان آخر ڇا آهيان؟
هاڻ ته ڪابه خوشي محسوس ٿئي ئي نٿي،
مان جو ٿي ويو اندر منجهه فنا آهيان.
اندر ۾ اُڀ جيڏي خاموشي ”سُندر“،
ظاهر ۾ پر سارو مان واڪا آهيان.