تون جو پنهنجا وار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.
ڄڻ گُلن-مهڪار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.
مان پکي ٿي جنهن تي ويهندو هوس سا،
ڇو پڌر تان تار، ڇوڙي ٿي ڇڏين؟
روز ٿي اڌ رات جاڳائي اچي،
سانوري! ڇو سار، ڇوڙي ٿي ڇڏين؟
پاڻ کي ٽُٽندو پيو محسوس ڪيان،
تون جو ٻانهُن-هار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.
روز ٿو ڦاسي سدا ڦٿڪي ”سُندر“،
تون اکين جا ڄار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.