سَڄي حيات هرڻ جيان ڊُڪياسين واريءَ ۾.
نه آيو پاڻ کي ڪجهه راس رات ڪاريءَ ۾.
بهار! ايتريون تخليق ڪر نه خودڪشيون،
ويندا ڪومائجي ورنه سڀئي گُل ٽاريءَ ۾.
عذاب جو نه رنگ ڏي تون انتظاريءَ کي،
ڪيو آ مون خُدا محسوس انتظاريءَ ۾.
نه ڪي به نيڻ چپن جي نصيب ۾ ها لکيل،
چُمياسين نيڻ تصور سان عمر ساريءَ ۾.
ستارا آسمان جي ڍنڍ ۾ پکي آهن،
ٽِڙيو آ چنڊ ڀي ڪنول ٿي رات ڪاريءَ ۾.