ميڻ ماڻهو هُيو، پر ڇُرو ڪونه هو.
هي سماج ايترو اڳ برو ڪونه هو.
کيس طبيعت ڪکن جيئن هُئي هلڪڙي،
شخص ڌرتي جيان هُو ڳرو ڪونه هو.
مون ته ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي گهڻي،
درد جي سمنڊ کي پر ترو ڪونه هو.
هونءَ ته هُن وٽ جيئڻ لاءِ سڀ ڪجهه هُيو،
ماڻهپي جو وٽس پر ذرو ڪونه هو.
ديد شايد انهن تي نه تنهنجي پئي،
تنهن ڪري باغ ۾ ڪجهه هرو ڪونه هو.
جنهن ڏيئا ٻاري ماڻهو ڏٺا ڏينهن جو،
سو حقيقت ۾ ”سندر“ چريو ڪونه هو.