مون ته سوچيو هو تون لکندين پيار ڪاڳر جي مٿان.
تو لکي ليڪن ويئنءَ انڪار ڪاڳر جي مٿان.
هر اکر ۾ عڪس تنهنجو آ نُمايان ٿي پيو،
ٿورڙو تون غور سان نهار ڪاڳر جي مٿان
لفظ ڪونجن جيان قطارون ڏِسُ! ڪري اُڏرن پيا،
مون ائين تنهنجي اُتاري سار ڪاڳر جي مٿان.
پوپٽن جي هو بجاءِ، بندوق ٺاهي ٿو پيو،
هاءِ ! اڄ جي دؤر جو هي! ٻار ڪاڳر جي مٿان.
لفظ هي آهن ڪوي جا ازل کان ساٿي رهيا،
ٿو تڏهن دل جو اُتاري بار ڪاڳر جي مٿان.