نيٺ ڪنهن جي اکين ڪُٺي آهين.
تون به دل !درد جي بُٺي آهين.
مان سُڪل وڻ جيان هُئس، بيٺو،
مينهن ٿي جنهن مٿان وُٺي آهين.
دل جي ڌرتي اڳي هُئي ڪلراٺي،
جنهن مٿان سَرنهن ٿي ڦُٽي آهين.
جسم مان روح ويو اُڏامي آ،
تون جڏهن کان مٺي! رُٺي آهين.
نيٺ جيون به ٿيو اچي پورو،
تون جُدائي! نه پر کُٽي آهين.
تون جو سارون هوا! کڻي ٿي اچين،
منهنجي محبوب جي چِٺي آهين.
راهه ۾ تو ڪنڊا وڇايا پر
زندگي! پوءِ به تون مِٺي آهين.