درد، سُڏڪا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
زرد چهرا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
دل جڏهن ڀي چَوئي هليو اچجان،
سڀ رستا، اسان جو ڏس ڏيندئي.
ڳول تون گهر ۾ شام جا سڀئي،
توکي پاڇا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
اُجري پاڻيءَ ۾ توکي چوڏهينءَ جا،
چنڊ-ليئا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
تون نه گُلڙن ۾ ڳولجان ڪڏهين،
ڇو ته ڪنڊا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
تون ٿو ڳولين خلا ۾ پر توکي،
سج-سجدا اسانجو ڏس ڏيندئي.