لُڙڪ نيڻن ۾ لڪايو ٿو اچان.
مُرڪ چپڙن تي سجايو ٿو اچان.
دل وڃي هڪڙي هُئي باقي بچي،
عشق ۾ سا، ڀي لُٽايو ٿو اچان.
درد آيا ميڙ ٿي مونکي وٺڻ،
اڄ خوشين کان موڪلايو ٿو اچان.
سچ چوڻ جي ڪونه عادت آ وئي،
دوستيون ڪيڏيون وڃايو ٿو اچان.
مان هٿن ۾ امن جا جهنڊا کڻي،
ظلم کي يارو جُهڪايو ٿو اچان.
ديس خاطر سِرُ ڪپائي دوستو!
سنڌ جو آئون سڏايو ٿو اچان.
پيار سان ”سُندر“ سموري ڀونءِ جا،
راهه تان ڪنڊا هٽايو ٿو اچان.