شاعري

ازل کان پاڻ آوارا

هي ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ نامياري شاعر ستار سُندر جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 6262
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ستار سُندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ازل کان پاڻ آوارا

شاعر پاران

دوستو! فرق لازمي آهي

گُذريل ڪيترن ئي مهينن کان منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب صرف ان ڪري ڇپائي هيٺ نه اچي سگهيو آهي جو مان پنهنجي پاران نه لکي سگهيو هوس. خبر ناهي ڇو پاڻ ۽ پنهنجي تخليق متعلق لکڻ ايڏو ڏُکيو لڳي رهيو هو جو مان چاهيندي به ڪجهه لکي نه پئي سگهيس، اُن جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ادب ۾ بي ادب دوستن جو گهڻو شڪار رهيو آهيان اُن ڪري مون وٽ هاڻ الائي ڇو ادبي تعلقات جي اُها ڇڪ نه رهي آهي ڪڏهن، ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ادب جي دُنيا جي ماڻهن کان گهڻو پري ٿي غير اديب ماڻهن کان وڃي ڪُجهه ادب پرائجي.
بحرحال اِن سڀني مايوسين جي باوجود به خود شاعري منهنجي اُتساهه جو سبب رهي آهي ۽ رهندي.
هي منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته آخري هجي ڇاڪاڻ جو مون کي ايئن لڳي ٿو ته هاڻ مان ڪڏهن به لکي نه سگهندس.
ادب ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم مستقل مزاجي سان لکڻ، پڙهڻ، ڪڙهڻ ۽ اُن قافلي سان گڏ گڏ هلڻ آهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته مون شاعريءَ جي جهان ۾ پير پاتو ته سهي پر اُن سان نڀائي نه سگهيس. مون رڳو شاعرن جي فهرست ۾ اچي پنهنجو نالو لکرايو ۽ اُهو نالو صرف فهرست جو ئي حصو بڻجي سگهيو، باقي تخليقي حوالي کان مان ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان. اوهان کان هٿ ٻَڌي معاف وٺندي اِها ڳالهه ڪيان ٿو ته مون جيڪو ڪجهه لِکيو سو پنهنجي ٽُٽل دل کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي آهي پر پوءِ به اُن ڪوشش ۾ ناڪام ئي رهيس. ان ڪري اوهان هاڻ منهنجي شاعري جو هي آخري ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ جي ڪچن، ڦِڪن، شعرن کي پڙهجو. اُنهن ۾ ڀلي ٻيو ڪجهه نه به هجي پر ان ۾ اوهان کي ستار سُندر ضرور نظر ايندو. اُهو ستار سُندر جيڪو اڄ به پنهنجي دوستن کي نه رڳو دوست پر رت جي رشتن کان به وڌيڪ اُتم سمجهندو آهي. اُهو اڄ اُنهن دوستن کان مايوس ضرور ٿيو آهي پر اُن دوستيءَ جي رنگن تي رت جي رشتن جو رنگ حاوي نه ٿيو آهي. مون جو ڪجهه سِکيو آهي ان علمي ادبي شعور جي پالنا تي منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪڏهن به دعويٰ نٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ جو اِها دعويٰ صرف منهنجا دوست ئي ڪري سگهن ٿا. جن ۾ سڀ کان اول منهنجي پياري دوست بخشل باغي جو ئي حق آهي جنهن کان زندگيءَ جي شعور کان ويندي موت جي لذت تائين مون سڀ حُسناڪيون پَسيون آهن. منهنجو ماءُ پيءُ منهنجي جسماني بلوغت ۽ پسي ڏوڪڙ جا وارث ته ٿي سگهن ٿا پر مان پنهنجي علمي ۽ ادبي شعور جا اصل وارث پنهنجا دوست ئي سمجهان ٿو. جن لئه بخشل باغي به هيئن لکيو آهي ته:

دوسـتـو فرق لازمي آهي،
دوستيءَ ۾ دڪانداري ۾.
(بخشل باغي)

هِن شاعريءَ جي جهان مون کي منڇر ڍنڍ ۾ چانڊوڪي ۾ جنت جهڙي رات جو نظارو پسايو. جت ٻيڙين ۾ سڄي رات گذاريندي صبح صوفي راڳ جي پُڄاڻي تي ٿي هئي. يا تازو سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ اشتياق انصاري جي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ حصو ٻيو جي مهورتي تقريب ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن سميت سنڌ جي ابوجهاد شهيد بشير خان قريشي سان رني ڪوٽ جي اوچين ديوارن جي ڇانوَ ۽ بُرجن جي حفاظت ۾ سياري جي سخت سيءَ واري رات ۾ راڳ ٻُڌندي بسر ٿي. اهڙي طرح سان ڪارونجهر کان ڪينجهر ۽ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين مون سنڌ کي پنهنجي شاعراڻي نگاهن سان پروڙي ڏِسڻ جو شرف ماڻيو آهي. جنهن جي لذت جو ذائقو منهنجي رڳ رڳ ۾ رچي مونکي جيئڻ جو اُتساهه پئي بخشيندو رهيو آهي.

ستار سُندر
نواب شاهه سنڌ
اربع 27 جون 2012ع
Cell:03003207076
0333-7037218