هر طرف هيءُ ڪنهنجو، آخر هُڳاءُ آهي.
خوشبو نماءُ ٿي ويو، سارو سَماءُ آهي.
ڀرجي نه هيءُ سگهندو، چئن چُمين سان ڪڏهين،
ڏاڍو پُراڻو پيارا، گهرو هي گهاءُ آهي.
هڪ ئي مِٽيءَ مان آهن، تخليق ٿيا ٻيئي،
انسان جو ازل کان، هي درد ڀاءُ آهي.
جيڏو وساريان ٿو، اوڏو ئي ياد پئي ٿو،
هي ڪهڙو آهي رشتو، ڪهڙو لڳاءُ آهي.
خاموش هن شهر ۾، هي شعر تنهنجو ”سُندر“،
گُونجي ائين اُٿيو آ، ڄڻ ڪو پڙاءُ آهي.