شاعري

ازل کان پاڻ آوارا

هي ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ نامياري شاعر ستار سُندر جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 6262
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ستار سُندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ازل کان پاڻ آوارا

روز اوسئيڙا اکين کي تو وٽان ملندا رهيا.

روز اوسئيڙا اکين کي تو وٽان ملندا رهيا.
نيڻ پنهنجا دُود وانگر جاڳ ۾ دُکندا رهيا.

اڄ نديءَ ۾ عڪس پئي آڪاس جو تنهنجو لڳو،
۽ هوا ۾ تارڙا لهرن جيان ڇُلندا رهيا.

ايئن لڳو سنڌو جي ڇولين ڄڻ ته پئي ماتم ڪيو،
اُڀ جيان ٻيئي ڪنارا ماٺ ۾ ڏسندا رهيا.

واءُ جو ڀي شور ڄڻ، پيغام پئي تنهنجي لڳو،
۽ اشارا ٿي وڻن جا ڏار پئي لُڏندا رهيا.

ننڊ نيڻن تي لٿي گهري ته ايئن محسوس ٿيو،
چپ تنهنجا ڄڻ ته ”سُندر“ جون اکيون چُمندا رهيا.