درد تنهنجا دل چريءَ جي سنگ ها.
زندگي! تنهنجا هزارين رنگ ها.
تو جنين کي ڪونه هو مُرڪي ڏٺو،
سي سڀئي چهرا ڏٺم بي رنگ ها.
آسمان جو رنگ نيرو زهر هو،
هي سڀئي، سورج، ستارا ڏنگ ها.
عُمر ساري ڀٽڪندو تن ۾ رهيس،
تو ڏنا جي خواب، سارا جهنگ ها.
پنڌ ”سُندر“ پو به پئي هلندو رهيو،
توڙي راهن ۾ سندس ئي سنگ ها.